Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 7:1 - Muslim Sindhi Bible

1 بابل جي بادشاهہ بيلشضر جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال آءٌ دانيال هڪ رات پنهنجي بستري تي ستو پيو هئس تہ مون هڪ رويا ڏٺي. پوءِ مون اها رويا لکي ڇڏي، جنهن جو خلاصو هن طرح آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 بابل جي بادشاهہ بيلشضر جي پهرين سال ۾ داني ايل پنهنجي بستري تي سُتي هڪڙو خواب لڌو، ۽ سندس مغز ۾ ڪي رويا ظاهر ٿيا: تڏهن هن اُهو خواب لکيو ۽ انهن ڳالهين جو مڪمل بيان ٻڌايائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 7:1
34 Iomraidhean Croise  

تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“


تڏهن خدا يعقوب سان رات جي وقت رويا ۾ ڳالهايو. هن کيس چيو تہ ”يعقوب! اي يعقوب!“ هن جواب ڏنو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“


هي رات جي انهيءَ وقت ٿيو، جڏهن آءٌ خوابن ۾ گم هئس، هائو، ان وقت جڏهن ماڻهن تي گَهري ننڊ غالب ٿئي ٿي.


پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يسعياہ! هاڻي تون منهنجو اهو پيغام منهنجي قوم آڏو هڪڙي دستاويز ۾ لکي ڇڏ، تان‌تہ اهو هنن لاءِ هميشہ جي شاهدي رهي،


خداوند مون يسعياہ کي فرمايو تہ ”تون اورياہ ڪاهن ۽ زڪرياہ بن يبرڪياہ کي شاهد بڻاءِ، جيڪي ڀروسي جوڳا آهن، پوءِ هڪڙي وڏي تختي کڻ ۽ انهيءَ تي صاف اکرن ۾ هي لک تہ ’فوري حملو، تڪڙ ۾ لٽ جو مال.‘“


جنهن وٽ خواب آهن سو پنهنجي خوابن کي منهنجو پيغام نہ چوي، پر جنهن وٽ منهنجو پيغام آهي سو ايمانداريءَ سان منهنجو ٻڌايل پيغام ئي بيان ڪري. ڀلا اناج جي ڀيٽ ۾ بُهہ جي ڪهڙي اهميت آهي؟


سموريون قومون هن جي، سندس پٽ جي ۽ سندس پوٽي جي تابعداري ڪنديون، ايستائين جو خود سندس ملڪ جو زوال اچي. پوءِ هن جي قوم ٻين زورآور قومن ۽ وڏن وڏن بادشاهن جي تابعداري ڪندي.


تڏهن مون يرمياہ ٻيو ويڙهوٽو کڻي باروڪ ولد نيرياہ ڪاتب کي ڏنو ۽ انهيءَ ۾ هن کان پهرئين ويڙهوٽي واريون سڀ ڳالهيون لکرايم، جيڪو ويڙهوٽو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو هو. انهيءَ کان علاوہ انهن جهڙيون ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ان ۾ شامل ڪيون ويون.


سو مون باروڪ ولد نيرياہ کي سڏايو ۽ اهي سڀ ڳالهيون باروڪ کي چوندو ويس جيڪي خداوند مون کي فرمايون هيون. باروڪ انهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي تي لکندو ويو.


ٽيهين سال جي چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ تي آءٌ حزقي‌ايل ڪاهن ولد بُوزي بابل ملڪ جي ڪبار نهر جي ڪناري ٻين يهوداہ وارن سان گڏ جلاوطن هئس. اتي اوچتو مون ڏٺو تہ آسمان کُلي پيو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي خدا مون کي رويائون ڏيکارڻ شروع ڪيون.


خدا مون کي رويا ۾ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ وٺي ويو ۽ مون کي هڪڙي تمام وڏي جبل تي لاٿائين. مون ڏکڻ پاسي پنهنجي اڳيان ڪجھہ عمارتون ڏٺيون جيڪي انهيءَ جبل تي هڪڙي شهر وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آيون.


هاڻ خدا انهن چئني نوجوانن کي هر قسم جي علم وَ ادب ۾ مهارت ۽ ڏاهپ عطا ڪئي. هن دانيال کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجھہ پڻ عطا ڪئي.


پنهنجي بادشاهيءَ جي ٻئي سال، بادشاهہ نبوڪدنضر ڪو اهڙو خواب لهڻ لڳو جو سندس دل پريشان رهڻ لڳي ۽ ننڊ ڦٽي ويس.


دانيال، جنهن کي بابل ۾ بيلطشضر جي نالي سان سڏيو ويندو هو تنهن کان بادشاهہ پڇيو تہ ”ڇا تون سچ پچ مون کي اهو خواب، جيڪو مون ڏٺو آهي ۽ انهيءَ جو تعبير ٻڌائي سگھندين؟“


مون رويا ۾ اهو بہ ڏٺو تہ هڪڙو پاڪ نگهبان آسمان مان هيٺ لهي آيو.


تڏهن هڪ رات پنهنجي پلنگ تي ستي مون هڪڙو خواب لڌو، جنهن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو. منهنجي ذهن ۾ ايندڙ انهيءَ رويا وارن خيالن مون کي بيحد پريشان ڪري ڇڏيو.


بيلشضر بادشاهہ پنهنجي هڪ هزار اميرن جي وڏي دعوت ڪئي ۽ انهن سان گڏجي مئي پيتائين.


پر اي بيلشضر! تون جيڪو سندس اولاد آهين، انهن سڀني ڳالهين کان واقف هوندي بہ تو پنهنجيءَ دل ۾ عاجزي نہ آندي آهي.


سو بابلين جي انهيءَ بادشاهہ بيلشضر کي ساڳيءَ رات ئي قتل ڪيو ويو.


مون پنهنجي هن رويا ۾ وڌيڪ ڏٺو تہ آدمزاد جهڙو هڪ شخص آسمان جي ڪڪرن سان گڏ آيو. اهو ازلي هستيءَ وٽ اچي پهتو تہ کيس انهيءَ جي حضور ۾ آندو ويو.


رويا ۾ اهي ڳالهيون ڏسندي آءٌ دانيال پريشان ٿي ويس ۽ مون کي بي‌قراري وٺي ويئي.


انهيءَ کان پوءِ پنهنجي انهيءَ رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو، جيڪو خوفناڪ، بلڪ تمام هيبتناڪ هو. هو نهايت مضبوط هو ۽ کيس لوهہ جا وڏا وڏا ڏند هئا. هو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين. اهو اڳين جانورن کان انهيءَ ڳالهہ ۾ مختلف هو جو انهيءَ کي ڏهہ سڱ هئا.


بادشاهہ بيلشضر جي شهنشاهيءَ جي ٽئين سال مون دانيال هڪڙي ٻي رويا ڏٺي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ کان پوءِ آءٌ سڀني ماڻهن تي پنهنجو روح نازل ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو پيغام ٻڌائڻ لڳندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ رويائون ڏسڻ لڳندا،


بيشڪ خداوند خدا تيستائين ڪجھہ نہ ٿو ڪري، جيستائين هو پنهنجو ڳجھہ پنهنجي بندن نبين تي ظاهر نہ ٿو ڪري.


تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ ”هيءَ رويا لک. اها تختين تي اهڙن تہ صاف اکرن ۾ لک جو ڊوڙندڙ ماڻهو بہ اها آسانيءَ سان پڙهي سگھي.


کين چيائين تہ ”هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند رويا ۾ انهيءَ تي ظاهر ٿيندس ۽ خواب ۾ انهيءَ سان ڳالهائيندس.


جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي تعليم لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پاڪ ڪلام کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي.


ضروري آهي تہ آءٌ اڃا بہ فخر ڪريان، جيتوڻيڪ انهيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونهي. سو جيڪي رويائون ۽ مڪاشفا مون کي خداوند عيسيٰ کان مليا آهن، هاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.


سو هاڻي جيڪي ڪجھہ تون ڏسين ٿو سو سڀ لک، يعني اهي ڳالهيون جيڪي هن وقت ٿين ٿيون ۽ اهي ڳالهيون جيڪي هن کان پوءِ ٿينديون.


جڏهن گجگوڙن جا اهي ست آواز ٻڌڻ ۾ آيا تہ مون انهن جون ڳالهيون لکڻ جو ارادو ڪيو. پر آسمان مان هڪڙو آواز ٻڌم، جنهن چيو تہ ”جيڪي ڳالهيون انهن ستن گجندڙ آوازن ڪيون، تن کي ڳجھو رک ۽ لک نہ.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan