Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 6:3 - Muslim Sindhi Bible

3 جيئن تہ دانيال ۾ غير معمولي روحاني نعمت هئي، سو هو انهن وزيرن ۽ والين کان گوءِ کڻي ويو. تنهنڪري بادشاهہ ارادو ڪيو تہ هو دانيال کي سڄي سلطنت جي مٿان مقرر ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تڏهن اهو داني ايل انهن وزيرن ۽ والين ۾ برک ٿي ويو، ڇالاءِ جو منجهس هڪڙو تمام چڱو روح هو: ۽ بادشاهہ ارادو ڪيو تہ هن کي سڄي ملڪ جي مٿان مقرر ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 6:3
12 Iomraidhean Croise  

خبردار ٿجو، متان انهيءَ ڪم ۾ ڪا غفلت ڪريو. ائين نہ ٿئي جو شاهي مفادن کي وڌيڪ نقصان رسي.“


تڏهن مون پنهنجي ڀاءُ حنانيءَ سان گڏ قلعي جي سالار حنانياہ کي پڻ يروشلم جو نگران مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ حنانياہ هڪ ديانتدار ماڻهو هو ۽ گھڻن ئي ماڻهن کان وڌيڪ خداترس هو.


مردڪئي جو درجو شهنشاهہ اخسويرس کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو. هو سڀني يهودين جو وڏو هو ۽ سڀيئي يهودي سندس عزت ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي يهودي قوم جو خيرخواهہ هو ۽ پنهنجي سڄي يهودي نسل جي فلاح وَ بهبود لاءِ آواز اٿاريندڙ هو.


جنهن وٽ ڄاڻ آهي سو ٿورو ٿو ڳالهائي، هائو، سمجھہ وارو ماڻهو سنجيدو ٿئي ٿو.


مها ڪاريگر عام ڪاريگرن کان وڌيڪ آهي، سو کانئس بادشاهن جي لاءِ ڪم ڪرايو وڃي ٿو. هائو، عام ماڻهن جو ڪم کانئس نہ ٿو ڪرايو وڃي.


مون ڏٺو تہ ڏاهپ بي‌عقليءَ کان ايترو تہ بهتر آهي، جيترو روشني اونداهيءَ کان.


ڇاڪاڻ تہ دانيال نالي انهيءَ شخص ۾، جنهن کي بادشاهہ نبوڪدنضر ’بيلطشضر‘ جو نالو ڏنو هو، غير معمولي خوبيون هيون. منجھس خوابن جو تعبير ڪرڻ جو علم ۽ سمجھہ، ڳُجھن کي بيان ڪرڻ ۽ مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت پڻ هئي. سو هاڻي دانيال کي گھراءِ، هو ئي تو کي انهيءَ لکت جو مطلب ٻڌائيندو.“


مون کي معلوم ٿيو آهي تہ تو ۾ معبودن جو روح آهي ۽ تو ۾ نور، سمجھہ ۽ نهايت گھڻي ڏاهپ موجود آهي.


پوءِ بادشاهہ رڙ ڪري چيو تہ ”نجومين، رملين ۽ فال وجھڻ وارن کي گھرايو وڃي.“ جڏهن اهي اچي حاضر ٿيا تہ بادشاهہ بابل جي انهن عالمن کي چيو تہ ”جيڪو هيءَ لکت پڙهي، انهيءَ جو مطلب مون کي سمجھائيندو، تنهن کي شاهي خلعت ملندي ۽ سونو هار سندس ڳچيءَ ۾ وجھبو ۽ انهيءَ کي بادشاهت ۾ ٽئين نمبر تي حڪمران بڻايو ويندو.“


تنهنجي دعا گھرڻ جي شروع ۾ ئي اهو حڪم جاري ٿيو، جيڪو آءٌ تو کي ٻڌائڻ آيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ تون خدا کي ڏاڍو پيارو آهين. تنهنڪري هاڻي تون غور سان ٻڌ ۽ انهيءَ اڳڪٿيءَ کي سمجھہ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan