Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 4:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن هڪ رات پنهنجي پلنگ تي ستي مون هڪڙو خواب لڌو، جنهن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو. منهنجي ذهن ۾ ايندڙ انهيءَ رويا وارن خيالن مون کي بيحد پريشان ڪري ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ مون هڪڙو خواب ڏٺو، جنهن مون کي ڊيڄاريو؛ ۽ هنڌ تي پئي جيڪي خيال مون کي آيا، ۽ جيڪي رويا منهنجي مغز ۾ پيدا ٿيا، تن اچي مون کي پريشان ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 4:5
15 Iomraidhean Croise  

ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ مصر جي بادشاهہ فرعون هڪ خواب لڌو. هن ڏٺو تہ هو پاڻ نيل نديءَ جي ڪپ تي بيٺو آهي.


محل جي داروغي انهن جا نالا بدلائي نوان نالا رکيا. دانيال جو بيلطشضر، حنانياہ جو سدرڪ، ميساايل جو ميسڪ ۽ عزرياہ جو عبدنجو نالو رکيائين.


پنهنجي بادشاهيءَ جي ٻئي سال، بادشاهہ نبوڪدنضر ڪو اهڙو خواب لهڻ لڳو جو سندس دل پريشان رهڻ لڳي ۽ ننڊ ڦٽي ويس.


تڏهن بادشاهہ انهن کي چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي. هاڻ جيستائين انهيءَ خواب جو تعبير معلوم نہ ٿو ٿئي تيستائين منهنجي دل پريشان آهي.“


جڏهن آءٌ پنهنجي پلنگ تي ستل هئس تڏهن مون رويا ۾ ڏٺو تہ ڌرتيءَ جي بلڪل ئي وچ تي تمام اوچو هڪ وڻ بيٺل هو.


مون رويا ۾ اهو بہ ڏٺو تہ هڪڙو پاڪ نگهبان آسمان مان هيٺ لهي آيو.


پر انهيءَ جو ٿُڙ پاڙن سميت زمين ۾ ئي لڳل رهڻ ڏيو. اهو لوهہ ۽ پتل جي پٽ سان ٻڌي ٻنيءَ جي سائي گاهہ ۾ رهڻ ڏيو. پوءِ ڀلي آسمان مان ڪرندڙ ماڪ انهيءَ شخص کي آلو ڪري، ڀلي تہ انهيءَ جو حصو حيوانن سان گڏ جھنگ ئي ٿئي،


تڏهن دانيال عرف بيلطشضر گھڙي کن تائين پريشان ٿي ويو ۽ ڳڻتين ۾ پئجي ويو. تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”اي بيلطشضر! انهيءَ خواب ۽ ان جي تعبير کان تون پريشان نہ ٿيءُ.“ بيلطشضر کيس وراڻيو تہ ”ڪاش، اي منهنجا آقا! اهو خواب توهان جي ويرين لاءِ هجي ها ۽ ان جو تعبير توهان جي دشمنن لاءِ.


بادشاهہ ۽ اميرن جي ڳالهين جو آواز ٻڌي، بادشاهہ جي ماءُ ملڪہ دعوت واريءَ جاءِ ۾ آئي ۽ چيائين تہ ”اي بادشاهہ! سدا سلامت رهين. تون پريشان نہ ٿيءُ، نڪي ڪو ڊپ ڪر.


تنهنجي بادشاهت ۾ هڪ اهڙو شخص موجود آهي، جنهن ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي. تنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ هن منجھہ نور، سمجھہ ۽ ڏاهپ، بلڪ معبودن جي ڏاهپ ڏٺي ويئي. تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر هن کي جادوگرن، نجومين، رملين ۽ فال وجھڻ وارن جو سردار مقرر ڪيو هو،


بابل جي بادشاهہ بيلشضر جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال آءٌ دانيال هڪ رات پنهنجي بستري تي ستو پيو هئس تہ مون هڪ رويا ڏٺي. پوءِ مون اها رويا لکي ڇڏي، جنهن جو خلاصو هن طرح آهي.


اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون رويا ۾ ڏٺيون ۽ ٻڌيون، جڏهن تہ انهن کي مون پنهنجيءَ دل ۾ ئي سانڍي رکيو. باقي مون دانيال کي منهنجي خيالن ڏاڍو بي‌قرار ڪري ڇڏيو ۽ خوف وچان منهنجي منهن جو رنگ ڦٽي ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan