Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 4:12 - Muslim Sindhi Bible

12 انهيءَ جا پن سهڻا هئا ۽ منجھس ايترو تہ جھجھو ڦر هو، جو پوريءَ دنيا کي انهيءَ مان کاڌو ٿي مليو. جانورن ان جي هيٺان پناهہ ٿي ورتي، ۽ پکين ان ۾ آکيرا ٿي ٺاهيا، سڀني ساهوارن جو انهيءَ تي ئي گذران هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 انهي جا پن سهڻا هئا، ۽ انهي جو ڦر گهڻو هو، ۽ انهي مان سڀني کي کاڌو ٿي مليو: جهنگ جا جانور انهي جي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺندا هئا، ۽ هوا جا پکي ان جي ٽارين ۾ رهندا هئا، ۽ ڪل بشر انهي تي گذران ڪندا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 4:12
13 Iomraidhean Croise  

هو ڌرتيءَ جي قومن جي سردارن جو عقل کسي ٿو وٺي، ۽ کين اهڙي بيابان ۾ ٿو رلائي، جتي ڪو چارو ئي ڪونهي.


ڏس، وڻ کي تہ اها اميد رهي ٿي تہ جيڪڏهن هن کي وڍيو ويو تہ هو وري ڦٽي نڪرندو، ۽ ان جون نرم ٽاريون نڪرڻ کان بند ٿي نہ وينديون.


تڏهن بہ پاڻيءَ جي ڦڙي ملڻ سان هو وري ڦٽندو، ۽ نئين ٻوٽي وانگر ٽاريون ڪڍندو.


اسان جي بچاءَ جي اميد، يعني خداوند جي چونڊيل بادشاهہ کي بہ هنن پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي وڌو، جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هو اسان کي هر حملي ڪندڙ کان محفوظ رکندو.


جيڪو بني اسرائيل جي ملڪ جو مٿاهون ۽ بلند جبل آهي. اها ٽاري شاخون ڪڍندي ۽ ڦر جھليندي ۽ ديال جو هڪ عاليشان وڻ ٿي پوندي. انهيءَ ۾ هر قسم جا پکي اچي رهندا ۽ ان جي ٽارين جي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺندا.


جيڪي قومون انهيءَ وڻ جي پاڇي هيٺ رهنديون هيون، سي بہ ساڻس گڏ هيٺ پاتال ۾ اچي پونديون ۽ انهن سان گڏ رهنديون جيڪي تلوار سان ماريا ويا هئا.


هن وڏي آواز سان پڪاري چيو تہ ”هن وڻ کي وڍي ڪيرايو وڃي، ۽ انهيءَ جون ٽاريون وڍيون وڃن. انهيءَ جا پن ڇاڻيا وڃن ۽ ميوو ڪڻو ڪڻو ڪيو وڃي. ڀل ان جي هيٺان جانور ڀڄي وڃن، ۽ انهيءَ مان پکي اڏامي وڃن.


جيتوڻيڪ هو سڀني ٻجن کان ننڍو آهي، تنهن هوندي بہ جڏهن ڦُٽي ٿو تہ سڀني ٻوٽن کان وڏو ٿي وڃي ٿو. اهو وڌي وڻ وانگر ٿئي ٿو ۽ پکي اچي ان جي ٽارين ۾ واهيرا ڪن ٿا.“


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود ابنِ آدم جي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ بابت ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي، نہ آسمان جا ملائڪ ۽ نہ ئي فرزند، رڳو پيءُ ئي اهو ڄاڻي ٿو.


پر پوکڻ کان پوءِ ڦُٽي سڀني ٻوٽن کان وڌي وڃي ٿو ۽ ايڏيون تہ وڏيون ٽاريون ٿو جھلي جو پکي سندس ٽارين ۾ واهيرا ڪن ٿا.“


اها سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کڻي پنهنجي باغ ۾ پوکيو تہ اهو وڌي وڻ وانگر ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واهيرا ڪيا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan