دانيال 4:1 - Muslim Sindhi Bible1 بادشاهہ نبوڪدنضر سڄيءَ دنيا جي قومن ۽ قبيلن توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارن سڀني ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اي روءِزمين جا رهاڪؤ! شل اوهان تي گھڻي کان گھڻي سلامتي هجي. Faic an caibideilSindhi Bible1 بادشاهہ نبوڪدنضر جي طرفان، سڀني ماڻهن ۽ قومن ۽ ٻولين ڏانهن، جي ساري زمين تي رهن ٿا؛ شل اوهان جي سلامتي وڌي. Faic an caibideil |
پوءِ پهرئين مهيني جي تيرهين تاريخ شاهي ڪاتبن کي سڏايو ويو. جيئن هامان کين حڪم ڏنو تيئن هُنن شهنشاهہ جي سڀني نائبن، سڀني صوبن جي گورنرن ۽ سڀني ماڻهن جي اڳواڻن ڏانهن لکيو. اهي خط هر صوبي جي رسمالخط ۽ هر قوم جي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا. اهي خط شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيا ويا ۽ انهن تي شاهي منڊيءَ جي مُهر لڳائي ويئي.
تڏهن انهيءَ ئي مهل شاهي منشين کي گھرايو ويو. اها ٽئين مهيني يعني سَيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ هئي. هنن مردڪئيءَ جا سمورا حڪم هندستان کان وٺي سوڊان ملڪ جي يهودين، گورنرن، حاڪمن ۽ صوبن جي عملدارن ڏانهن موڪلي ڏنا. اهي حڪم شهنشاهت جي سڀني هڪ سؤ ستاويهہ صوبن ڏانهن هر هڪ قوم جي رسمالخط ۽ ٻوليءَ ۾ ۽ يهودين ڏانهن سندن رسمالخط ۽ ٻوليءَ ۾ پڻ لکيا ويا.