اهي نوجوان اهڙا هجن، جن ۾ ڪوبہ عيب نہ هجي، بلڪ اهي خوبصورت، هر قسم جي ڏاهپ ۾ هوشيار، علم ۾ قابل ۽ حڪمت سمجھندا هجن، يعني انهن ۾ اهڙي لياقت هجي جو کين شاهي محل ۾ خدمت لاءِ مقرر ڪجي. پوءِ تون انهن کي بابل جي رملين جي ٻولي لکڻ پڙهڻ سيکار.“
تڏهن وزير ۽ والي موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳا، تہ جيئن حڪمرانيءَ جي نسبت ۾ دانيال جو ڪو قصور هٿ ڪن. پر هو اهڙو ڪوبہ قصور هٿ ڪري نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ دانيال ديانتدار هو ۽ منجھس ڪابہ گھٽتائي يا غفلت ڪين هئي.