پوءِ شهنشاهہ اخسويرس کي هامان چيو تہ ”هڪڙي قوم آهي جيڪا اوهان جي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ ٻين قومن کان الڳٿلڳ رهي ٿي. انهيءَ جا رسم وَ رواج ٻين سڀني قومن جي رسم وَ رواجن جي خلاف آهن ۽ اها قوم اوهان شهنشاهہ سلامت جي قانونن کي بہ ڪونہ ٿي مڃي. سو اها ڳالهہ اوهان جي حق ۾ ناهي تہ ان قوم کي ائين ئي ڇڏي ڏجي.