Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 3:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پر جيڪو سجدو نہ ڪندو، تنهن کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ جيڪو هيٺ نہ جهڪندو ۽ سجدو نہ ڪندو، سو باهہ جي ٻرندڙ کوري ۾ اُڇلايو ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 3:11
6 Iomraidhean Croise  

جڏهن تہ توهان اهو حڪم جاري ڪيو آهي تہ ’جيڪو ماڻهو شرناءِ، بانسري، سُرندي، سارنگيءَ ۽ دنبوري سان گڏ باقي ٻين قسمن جي سازن جو آواز ٻڌي، سو انهيءَ سوني مورتيءَ کي سجدو ڪري.


هاڻي اي بادشاهہ سلامت! ڪي يهودي ماڻهو آهن، جن کي توهان بابل صوبي جي ڪمن ڪارين تي مقرر ڪيو آهي، يعني سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، تن توهان جي حڪم جي ڪا پرواهہ ڪانہ ڪئي آهي. هو توهان جي معبودن جي پوڄا نہ ٿا ڪن، نہ ئي انهيءَ سوني مورتيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪا توهان کڙي ڪرائي بيهاري آهي.“


جيڪو بہ ماڻهو سجدو نہ ڪندو، تہ انهيءَ کي ان وقت ئي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو.“


تڏهن هنن بادشاهہ کي ٻڌايو تہ ”اي بادشاهہ! اهو دانيال جيڪو يهوداہ ملڪ کان پڪڙي آندلن مان آهي، سو نہ اوهان جي پرواهہ ٿو رکي نہ وري اوهان جي صحيح ڪيل حڪم جي، بلڪ هو ڏينهن ۾ ٽي دفعا پنهنجي معبود کان دعا گھري ٿو.“


ملڪ جي سڀني وزيرن، نائبن ۽ والين، مشيرن ۽ سردارن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي آهي تہ هڪڙو شاهي حڪم جاري ڪري قانون بڻايو وڃي تہ ٽيهن ڏينهن تائين جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو بادشاهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي يا ڪنهن معبود کي ڪو سوال ڪندو تہ انهيءَ کي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويندو.


”جڏهن اسين اتي پهتاسون تہ اسان جيل کي چڱيءَ طرح تالو لڳل ڏٺو ۽ سڀ پهريدار دروازن تي پهرو ڏيئي رهيا هئا. پر جڏهن اسان دروازا کوليا تہ اسان کي اندر ڪوبہ ماڻهو ڏسڻ ۾ نہ آيو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan