Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 3:1 - Muslim Sindhi Bible

1 بادشاهہ نبوڪدنضر سون جي هڪڙي مورتي ٺهرائي، جنهن جي اوچائي ستاويهہ ميٽر ۽ ويڪر ٽي ميٽر هئي. هن انهيءَ کي بابل جي صوبي ۾ دورا نالي ميدان ۾ کڙو ڪرايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 بادشاهہ نبوڪدنضر سون جي هڪڙي مورت جوڙي، جنهن جي اوچائي سٺ هٿ هئي، ۽ ويڪر ڇهہ هٿ ۽ هن بابل جي پرڳڻي ۾ دورا جي ميدان ۾ انهي کي بيهاريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 3:1
29 Iomraidhean Croise  

انهيءَ ڪري بادشاهہ صلاح مصلحت کان پوءِ سون جا ٻہ گابا ٺهرايا. پوءِ ماڻهن کي چيائين تہ ”اي اسرائيل وارؤ! يروشلم تائين وڃڻ ۾ اوهان کي گھڻي تڪليف ٿئي ٿي. سو اِجھو، هي آهن اوهان جا معبود جن اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو هو.“


هي واقعو فارس جي بادشاهہ اخسويرس جي دور جو آهي. هي اهو اخسويرس آهي جيڪو هندستان کان وٺي سوڊان تائين هڪ سؤ ستاويهہ صوبن جو شهنشاهہ هو.


جڏهن تہ ڌارين قومن جا معبود سون ۽ چانديءَ جا ٺهيل بت آهن، جيڪي ماڻهن پنهنجي هٿن سان جوڙيا آهن.


اوهين پنهنجي لاءِ سون يا چانديءَ جا معبود ٺاهي، انهن کي مون سان گڏ شريڪ نہ ڪريو.


پوءِ موسيٰ موٽي خداوند وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”افسوس! هنن ماڻهن وڏو گناهہ ڪيو آهي جو پنهنجي لاءِ سون جو معبود ٺاهيائون.


انهيءَ ڏينهن ماڻهو پنهنجيون سون ۽ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون، جيڪي هنن پنهنجي پوڄڻ لاءِ بڻايون هيون، سي ويرانن ۾ اڇلائي ڇڏيندا، جن ۾ ڪوئا ۽ چمڙا پنهنجا گھر ڪري ويهندا.


پوءِ اوهين پنهنجي سون ۽ چانديءَ وارن بتن کي گند ڪچري جيان اڇلائي ڇڏيندا. هائو، اوهين انهن کي حيض واري ناپاڪ ڪپڙي وانگر پري اڇلائي ڇڏيندا، بلڪ اوهان جي نظر ۾ اهي پاخاني جي گند مثل هوندا.


ڪي ماڻهو پنهنجي ٿيلهين مان سون ڪڍي، ۽ چاندي تارازيءَ ۾ توري آڻي سوناري کي ٿا ڏين. پوءِ ڇا ٿو ٿئي جو اهو سونارو سندن لاءِ انهيءَ مان هڪڙو معبود جوڙي تيار ٿو ڪري، جنهن جي آڏو هو سجدو ڪري کيس پوڄين ٿا.


هنن جي بتن تي نج سون ۽ عمدي چانديءَ جا پترا چڙهيل آهن، جيڪي ڪاريگرن ۽ سونارن جي هٿن جي ڪاريگري آهن. انهن کي نيري ۽ واڱڻائي رنگ جي پوشاڪ پهرائي وڃي ٿي، جيڪا ماهر ڪاريگر جي هٿ جو ڪم آهي.


ڀلا ماڻهن جي هٿن جا ٺاهيل معبود بہ حقيقي معبود ٿي سگھن ٿا ڇا؟“


پوءِ بادشاهہ دانيال کي وڏي عزت ڏني ۽ کيس گھڻا ئي وڏا وڏا تحفا ڏنائين. کيس بابل جي سڄي صوبي تي حڪمران مقرر ڪيائين ۽ بابل جي سڀني عالمن جو اڳواڻ بڻايائينس.


تڏهن دانيال جي عرض ڪرڻ تي بادشاهہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي بابل جي صوبي تي ڪمن ڪارين تي مقرر ڪيو. پر دانيال پاڻ بادشاهہ جي درٻار ۾ ئي رهيو.


بادشاهہ انهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”ڇا اهو سچ آهي تہ اوهين ڄاڻي‌واڻي منهنجي معبودن جي پوڄا نہ ٿا ڪريو ۽ نہ وري انهيءَ سوني مورتيءَ کي سجدو ٿا ڪريو، جنهن کي مون کڙو ڪرائي بيهاريو آهي؟


پوءِ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي ترقي ڏيئي بادشاهہ بابل جي صوبي ۾ بحال ڪيو.


اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.


هو مئي پيئڻ سان گڏ سون، چانديءَ، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر مان ٺهيل پنهنجي معبودن جي تعريف ۽ واکاڻ ڪندا ٿي رهيا.


هن اهو بلڪل نہ ٿي مڃيو تہ آءٌ ئي اهو خدا آهيان، جنهن کيس اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل ڏنو، ۽ مون ئي کيس اهو جھجھو سون ۽ چاندي عطا ڪيو، جيڪو هن بعل ديوتا جي پوڄا تي خرچ ڪيو.


هنن پنهنجا بادشاهہ مقرر ڪيا آهن، جيڪي منهنجي طرفان ناهن، هنن جيڪي پنهنجا اڳواڻ بڻايا آهن، تن لاءِ منهنجي رضامندي ڪانهي، هنن سون ۽ چانديءَ جا جيڪي بت ٺاهيا آهن، تن جي ئي ڪري هو تباهہ ٿي ويندا.


سو ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي ڪاٺيءَ کي چئو ٿا تہ ”جاڳ!“ يا وري بي‌جان پٿر کي ٿا چئو تہ ”اُٿ!“ انهن مان اوهان کي ڇا حاصل ٿيندو؟ ان بت تي سون ۽ چاندي تہ چاڙهي ويئي آهي پر منجھس ساهہ تہ آهي ئي ڪونہ.


هاڻ جيئن تہ اسين خدا جو اولاد آهيون، تنهنڪري اهو مناسب نہ آهي جو اسين سمجھون تہ هن جي ذات سون، چانديءَ يا پٿر جي ڪنهن بت وانگر آهي، جيڪو انساني هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاهيو وڃي ٿو.


اوهين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾، بلڪ سڄي آسيا صوبي ۾ هن شخص پولس گھڻن ماڻهن کي برغلائي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. هو چئي رهيو آهي تہ ’ماڻهن جا ٺاهيل هي بت خدا هرگز نہ آهن.‘


اوهين انهن جي معبودن جي تراشيل مورتين کي ساڙي ڇڏجو. جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي تنهن جي اوهين لالچ نہ ڪجو، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻجو، متان اوهين انهن ۾ ڦاسي پئو، ڇاڪاڻ تہ اها ڳالهہ خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي.


جيڪي ماڻهو انهن آفتن مان باقي بچيا، تن بڇڙائيءَ کان توبهہ نہ ڪئي. هائو، اهي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيڪي نہ ڏسي سگھن ٿا، نہ ٻڌي سگھن ٿا ۽ نہ وري گھمي ڦري ٿا سگھن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan