Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 2:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جيڪڏهن اوهين مون کي اهو خواب نہ ٻڌائيندا، تہ اوهان سڀني لاءِ فقط اها ئي سزا آهي. اوهان منهنجي آڏو ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون ڪندو رهڻ جي تياري ڪئي آهي، تہ جيئن ڀلي وقت ٽري وڃي. تنهنڪري اوهين ضرور مون کي خواب ٻڌايو، تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ اوهين انهيءَ جو تعبير بہ بيان ڪري سگھندا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 پر جي اوهين مون کي اُهو خواب ياد نہ ڏياريندا تہ اوهان جي لاءِ فقط هڪڙو ئي حڪم آهي: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي آڏو ڪوڙ، ۽ ٺڳيءَ جي ڳالهين ڪرڻ جي تياري ڪئي آهي، تہ ڀلي وقت ٽري وڃي: تنهنڪري مون کي خواب ٻڌايو، تہ پوءِ آءٌ ڄاڻندس تہ اوهين انهي جو تعبير بہ بيان ڪري سگهندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 2:9
17 Iomraidhean Croise  

خداوند انهيءَ کان پڇيو تہ ’ڪهڙيءَ طرح؟‘ هن وراڻيو تہ ’آءٌ نڪري وڃي اخي‌اب جي سڀني نبي سڏائيندڙن کان ڪوڙ ڳالهرائيندس.‘ تڏهن خداوند کيس چيو تہ ’وڃ، وڃي کيس ڌُتار، تون ڪامياب ٿي ويندين.‘


سو اخي‌اب چار سؤ نبي سڏائيندڙن کي گڏ ڪيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”آءٌ رامات شهر تي ڪاهہ ڪريان يا نہ؟“ هنن وراڻيس تہ ”ڀلي وڃو، ڌڻي توهان کي فتح ڏيندو.“


”شهنشاهہ جا سڀيئي عملدار ۽ شاهي صوبن جا سڀيئي ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا تہ ڪوبہ مرد يا ڪابہ عورت، جيڪڏهن بنا گھرائڻ جي شهنشاهہ جي درٻارِخاص ۾ لنگھي ايندو تہ انهيءَ جي لاءِ رڳو هڪڙو ئي قانون آهي تہ کيس قتل ڪيو وڃي. سواءِ ان جي جنهن ڏانهن پاڻ شهنشاهہ پنهنجي سوني شاهي لٺ ڊگھيري تہ انهيءَ کي جيئدان ملي. پر مهينو ٿيندو جو شهنشاهہ مون کي پاڻ وٽ ڪين گھرايو آهي سو آءٌ وٽس ڪيئن وڃان؟“


ڪوڙ جي حياتي پاڻيءَ جي ڦوٽي مثل آهي، مگر سچ هميشہ تائين قائم ٿو رهي.


هائو، اوهين اسان کي ٻڌايو تہ اڳتي ڇا ٿيندو، تہ پوءِ اسين سمجھون تہ اوهين سچا معبود آهيو. اوهين چڱائي يا بڇڙائي ڪجھہ تہ ڪري ڏيکاريو، تہ جيئن اسين سڀ ڏسون ۽ ڊڄي وڃون.


آءٌ ئي اڳڪٿي ڪندڙن جي نشانين کي باطل قرار ڏيان ٿو، ۽ فال وجھڻ وارن جي فال کي باطل بڻائي کين بي‌وقوف ثابت ٿو ڪريان. ماڻهن جي نظر ۾ جيڪا سياڻپ آهي تنهن کي آءٌ رد ٿو ڪريان، ۽ اهڙن جي سياڻپ کي بي‌وقوفيءَ ۾ ٿو بدلايان.


خداوند فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون پنهنجي قوم جي انهن عورتن ڏانهن ڌيان ڏي، جيڪي پنهنجي دلين مان ڳالهيون ٺاهي اڳڪٿيون ٿيون ڪن. تون انهن جي خلاف


اوهان جَوَن جي چند مُٺين ۽ مانيءَ جي چند ٽُڪرن حاصل ڪرڻ خاطر منهنجي قوم آڏو منهنجي بي‌حرمتي ڪئي آهي. اوهان انهن جانين کي مارڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي مرڻ جي لائق نہ آهن ۽ انهن جانين کي بچائڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي بچائڻ جي لائق نہ آهن. سو اوهين منهنجي قوم کي ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌايو ٿيون ۽ اهي اوهان جي ڳالهين تي يقين ٿا ڪن.


سندن رويائون ڪوڙيون آهن ۽ سندن غيبداني ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. اهي دعويٰ ٿا ڪن تہ اهي مون خداوند جو پيغام ٿا ٻڌائين، جڏهن تہ مون هنن کي موڪليو ئي ڪونهي. پوءِ بہ هو بني اسرائيل کي اهو آسرو ٿا ڏين تہ آءٌ سندن ڳالهہ پوري ڪندس.


تنهن تي دانيال بادشاهہ کان ڪجھہ مهلت ورتي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو سندس حضور ۾ تعبير بيان ڪري سگھي.


هو ئي وقتن کي ڦيري ڇڏي ٿو ۽ زمانا تبديل ٿو ڪري، هو ئي بادشاهن کي قائم ٿو ڪري ۽ کين معزول پڻ ڪري ٿو، هو ئي ڏاهن کي ڏاهپ ۽ عقلمندن کي ڄاڻ عطا ڪري ٿو.


پر بادشاهہ چيو تہ ”پڪ سان اوهين نٽايو ٿا ۽ وڌيڪ وقت انهيءَ ڪري وٺڻ ٿا گھرو، جو ڄاڻو ٿا تہ مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تہ


هاڻي ٻڌو، جيڪڏهن اوهين هينئر بہ آمادہ آهيو تہ انهن سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌڻ سان هن سوني مورتيءَ کي سجدو ڪريو تہ چڱو، پر جي اوهان ائين نہ ڪيو تہ هن ئي گھڙيءَ اوهان کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو. پوءِ آءٌ ڏسندس تہ اهو ڪهڙو معبود آهي، جيڪو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي ٿو.“


’ورهاست‘ يعني تنهنجي بادشاهت ورهائجي ويئي آهي ۽ اها مادئين ۽ فارسين کي ڏني ويئي آهي.“


تڏهن دارا مادئيءَ کي بادشاهت ملي ويئي، جنهن جي عمر ٻاهٺ سال هئي.


اهو خدا تعاليٰ جي خلاف ڳالهيون ڪندو ۽ خدا تعاليٰ جي چونڊيل بندن کي ايذائيندو. هو عيد جي ڏينهن ۽ شريعت کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪندو. ائين خدا جي قوم ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي.


ڪوبہ نہ. تنهن هوندي بہ اسين انهن گھڻن ماڻهن وانگر نہ آهيون، جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ مسيح بابت خدا جي پيغام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا کي حاضر ڄاڻيندي خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان مسيح ۾ ڳالهايون ٿا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan