Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 2:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پر جي اوهين مون کي اهو خواب ۽ انهيءَ جو تعبير ٻڌائيندا، تہ آءٌ اوهان کي تحفا، انعام ۽ وڏي عزت عطا ڪندس. سو هاڻي اوهين مون کي اهو خواب ۽ انهيءَ جو تعبير ٻڌايو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 پر جي اوهين مون کي اُهو خواب ۽ انهي جو تعبير ٻڌائيندا، تہ اوهان کي بخششون ۽ انعام ۽ وڏي عزت ڏيندس: تنهنڪري اوهين مون کي اُهو خواب ۽ ان جو تعبير ٻڌايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 2:6
8 Iomraidhean Croise  

پوءِ بادشاهہ دانيال کي وڏي عزت ڏني ۽ کيس گھڻا ئي وڏا وڏا تحفا ڏنائين. کيس بابل جي سڄي صوبي تي حڪمران مقرر ڪيائين ۽ بابل جي سڀني عالمن جو اڳواڻ بڻايائينس.


تڏهن بيلشضر جي حڪم سان دانيال کي شاهي خلعت پهرائي ويئي ۽ سون جو هار سندس ڳچيءَ ۾ وڌو ويو. ان کان سواءِ هن بابت اعلان ڪيو ويو تہ هو بادشاهت جو ٽيون نمبر حاڪم شمار ڪيو وڃي.


پوءِ بادشاهہ رڙ ڪري چيو تہ ”نجومين، رملين ۽ فال وجھڻ وارن کي گھرايو وڃي.“ جڏهن اهي اچي حاضر ٿيا تہ بادشاهہ بابل جي انهن عالمن کي چيو تہ ”جيڪو هيءَ لکت پڙهي، انهيءَ جو مطلب مون کي سمجھائيندو، تنهن کي شاهي خلعت ملندي ۽ سونو هار سندس ڳچيءَ ۾ وجھبو ۽ انهيءَ کي بادشاهت ۾ ٽئين نمبر تي حڪمران بڻايو ويندو.“


آءٌ تو کي گھڻو نوازيندس ۽ جيئن تون چوندين تيئن آءٌ ڪندس. مهرباني ڪري اچ ۽ هنن ماڻهن تي منهنجي خاطر لعنت ڪر.“


اُتي بلق بلعام کي چيو تہ ”ڇا مون تو کي تاڪيد سان نہ گھرايو هو؟ پوءِ تون ڇو مون وٽ هليو نہ آئين؟ ڇا آءٌ تو کي نوازي نہ ٿو سگھان؟“


سو موآبين ۽ مديانين جا اڳواڻ بني اسرائيل تي لعنت وجھائڻ لاءِ رقم کڻي بلعام وٽ ويا ۽ کيس بلق بادشاهہ جو پيغام ڏنائون.


سو هاڻي جلدي پنهنجي وطن ڏانهن ڀڄي وڃ. مون تہ چيو هو تہ آءٌ تو کي نوازيندس، پر خداوند تو کي انهيءَ کان روڪي رکيو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan