Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 2:12 - Muslim Sindhi Bible

12 انهيءَ ڳالهہ تي بادشاهہ ايڏو تہ چڙي پيو جو سخت ڪاوڙ وچان حڪم ڪيائين تہ ”بابل جي سڀني عالمن کي قتل ڪيو وڃي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 انهي ڪري بادشاهہ چڙي پيو، ۽ ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس، ۽ حڪم ڪيائين تہ بابل جي سڀني ڏاهن ماڻهن کي ماري چٽ ڪري ڇڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 2:12
14 Iomraidhean Croise  

خبردار، چڙ بيعقل ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏي، هائو، خدا سان ناراضگي نادان ماڻهوءَ کي ڪُهي ڇڏي ٿي.


توڙي جو انسان ڪيڏو بہ غصو ڪري، تہ بہ هو تنهنجيءَ تعريف جو سبب بڻبو. هائو، سندس غصي جي نتيجي ۾ تون واکاڻ جو تاج پائيندين.


بادشاهہ جي ڪاوڙ موت جي قاصد جيان آهي، سو عقلمند انسان اهو آهي، جيڪو انهيءَ جي ڪاوڙ کي ٿڌو ٿو ڪري.


بادشاهہ جو غصو شينهن جي گجگوڙ وانگر آهي، پر هن جي مهرباني بيابان ۾ مينهن وسڻ جهڙي آهي.


جيئن گجندڙ شينهن خطرناڪ آهي، تيئن بادشاهہ جي ڪاوڙ ۾ بہ جان جو خطرو آهي.


جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، هائو، غصيلو انسان گناهن مٿان گناهہ ڪريو وجھي.


تنهن بعد دانيال اريوڪ وٽ ويو، جنهن کي بادشاهہ بابل جي عالمن کي قتل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. دانيال وڃي هن کي چيو تہ ”بابل جي عالمن کي نہ ماراءِ، بلڪ مون کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي هل تہ آءٌ کيس تعبير ٻڌايان.“


بادشاهہ رملين کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تہ جيڪڏهن اوهين پاڻ مون کي اهو خواب ۽ انهيءَ جو تعبير نہ ٻڌائيندا، تہ اوهان سڀني کي وڍائي ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏيندس ۽ اوهان جا گھر ويران دڙا ڪرائي ڇڏيندس.


تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر سخت ڪاوڙ ۽ جوش مان حڪم ڏنو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي حاضر ڪيو وڃي.“ سو انهن ٽنهي کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو.


تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خلاف غصي وچان سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو. سو هن حڪم ڏنو تہ ”کوري کي جيترو اڳ ۾ تپايو ويندو هو، تنهن کان هن کي ستوڻو وڌيڪ تپايو وڃي.“


خدا جي انهيءَ ڏنل عظمت جي ڪري سڀ قومون ۽ قبيلا توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ کانئس ڊڄندا ۽ ڏڪندا هئا. هو جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي مارائي ڇڏيندو هو، جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي جيئرو رکندو هو. هو جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي سرفراز ڪندو هو، جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي ڪيرائي ڇڏيندو هو.


جڏهن هيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن نجومين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رهي ٿو سو بہ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو. جيڪو ڪنهن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو ڪائونسل واري عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ۽ جيڪو ڪنهن کي چوندو تہ ’اي ڪافر!‘ سو دوزخ جي باهہ ۾ پوڻ جي لائق ٿيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan