دانيال 12:2 - Muslim Sindhi Bible2 جيڪي مٽيءَ ۾ وڃي ستا آهن، تن مان گھڻا ئي وري جاڳي اٿندا. انهن مان ڪن کي دائمي حياتي ملندي، تہ ڪي وري هميشہ جي ذلت وَ خواريءَ ۾ وڃي ڪرندا. Faic an caibideilSindhi Bible2 ۽ جيڪي زمين جي مٽيءَ ۾ سُتل آهن، تن مان گهڻا وري جاڳندا، ۽ ڪن کي هميشہ جي حياتي ملندي، ۽ ڪي شرمندا ۽ هميشہ لاءِ خوار ٿيندا. Faic an caibideil |
خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“