Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 11:2 - Muslim Sindhi Bible

2 پوءِ انهيءَ هستيءَ مون دانيال کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ تو کي انهيءَ ڳجھہ واري ڳالهہ جي حقيقت ٻڌايان ٿو. سو ٻڌ، فارس ۾ اڃا ٽن بادشاهن جي حڪومت اچڻي آهي ۽ ان بعد چوٿون بادشاهہ ٿيندو، جيڪو انهن سڀني کان وڌيڪ دولتمند هوندو. هو دولت ۽ طاقت ۾ ايترو تہ وڌي ويندو، جو پوري شهنشاهت کي يونان جي بادشاهت خلاف اٿاري کڙو ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ هاڻي آءٌ توکي حقيقت ٻڌائيندس، ڏس، اڃا ٽي بادشاهہ فارس ۾ برپا ٿيڻا آهن؛ ۽ چوٿون ٻين سڀني کان وڌيڪ دولتمند ٿيندو: ۽ جڏهن هو پنهنجي دولت جي وسيلي زور وارو ٿيندو، تڏهن هو سڀني کي چوري، يونان جي بادشاهت جي برخلاف کڙو ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 11:2
17 Iomraidhean Croise  

ساڳيءَ طرح خدا جو گھر جيڪو يروشلم ۾ آهي، تنهن جي تعمير جو ڪم ٺپ ٿي ويو ۽ اهو فارس جي شهنشاهہ دارا جي شاهيءَ جي ٻئي سال تائين بند رهيو.


وري فارس جي شهنشاهہ ارتخششتا جي ڏينهن ۾ بشلام، متردات، طابئيل ۽ سندن ٻين ساٿين ڏانهس ارامي ٻوليءَ ۾ هڪ شڪايتي خط لکيو جيڪو ٻي ٻوليءَ ۾ کيس پڙهي ٻڌايو ويو.


هي واقعو فارس جي بادشاهہ اخسويرس جي دور جو آهي. هي اهو اخسويرس آهي جيڪو هندستان کان وٺي سوڊان تائين هڪ سؤ ستاويهہ صوبن جو شهنشاهہ هو.


انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي سچائيءَ وارين ڳالهين جي حقيقت معلوم ٿئي تہ جيئن جن اوهان کي موڪليو آهي تن کي وڃي چڱيءَ طرح جواب ٻڌائي سگھو.


فارس جي بادشاهہ خورس جي شهنشاهيءَ جي ٽئين سال مون دانيال عرف بيلطشضر تي هڪڙي ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي. اها ڳالهہ سچي تہ هئي پر اهڙي ڳجھي هئي جو سمجھہ ۾ نہ ٿي آئي، تنهنڪري رويا جي ذريعي اها هن ريت مون کي سمجھائي ويئي.


هو وڏي طاقت ۽ همت جھلي هڪڙو وڏو لشڪر ساڻ ڪري مصر جي بادشاهہ سان وڙهڻ لاءِ اٿندو. مصر جو بادشاهہ بہ نهايت وڏي ۽ زور واري لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ايندو. پر مصر جو بادشاهہ بيهي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ تہ هن جي خلاف سازشون جوڙيون ويون هونديون.


ٻيو جانور ڏٺم تہ رڇ جهڙو هو، جيڪو پوين پيرن ڀر جھڪي ڪر کنيو بيٺو هو. سندس وات ۾ ٽي پاسريون هيون. کيس چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ خوب گوشت کاءُ.“


جڏهن تہ ٻڪر مان مراد يونان جي شهنشاهت آهي ۽ وڏو سڱ جيڪو هن جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ آهي، سو شهنشاهت جو پهريون بادشاهہ آهي.


صبح ۽ شام وارين قربانين جي باري ۾ جيڪي ڪجھہ رويا ۾ ٻڌايو ويو آهي، سو سچ آهي. پر تون انهيءَ رويا کي في‌الحال راز ۾ رک، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي پوري ٿيڻ ۾ اڃا گھڻو وقت پيو آهي.“


مون ڏٺو تہ گھٽو اولهہ، اتر ۽ ڏکڻ طرف ٽڪر هڻي رهيو هو. سندس آڏو ڪوبہ جانور بيهي نہ ٿي سگھيو، نڪي وري ڪو کانئس ڇڏائي ٿي سگھيو. هن کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين، ايتري قدر جو هو پنهنجي طاقت جو وڌيڪ اظهار ڪندو رهيو.


بيشڪ خداوند خدا تيستائين ڪجھہ نہ ٿو ڪري، جيستائين هو پنهنجو ڳجھہ پنهنجي بندن نبين تي ظاهر نہ ٿو ڪري.


ڏسو، خدا انهن کي پنهنجا فرزند سڏيو جن کي سندس پيغام مليل هو. هاڻ پاڪ ڪلام تہ ڪڏهن بہ ڪوڙو ٿي نہ ٿو سگھي.


پوءِ تخت تي ويٺل هستيءَ مون کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ هن هي بہ چيو تہ ”اهو لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هي لفظ سچا ۽ ڀروسي جوڳا آهن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan