2 انهن ڏينهن ۾ مون دانيال پورن ٽن هفتن تائين سوڳ پئي ڪيو.
2 انهن ڏينهن ۾ مون داني ايل پورا ٽي هفتا ماتم پئي ڪيو.
جڏهن مون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ويهي روئڻ لڳس. ڪيترائي ڏينهن آءٌ روئندو رڙندو رهيس ۽ ڪجھہ بہ کاڌم پيتم ڪونہ. مون خداوند، عرش عظيم جي خدا کان دعا گھري تہ
آءٌ خدا کي، جيڪو منهنجو محافظ آهي چوان ٿو تہ ”تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجي دشمنن جي ظلم ڪري روئندو رڙندو پيو وتان؟“
ڇاڪاڻ تہ اي خدا! تون ئي منهنجو محافظ آهين. پوءِ تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ ڇو آءٌ پنهنجي دشمنن جي ظلم ڪري روئندو رڙندو پيو وتان؟
يروشلم سان خوشيون ملهايو، ۽ انهيءَ جي ڪري شادماني ڪريو. اي انهيءَ شهر سان محبت ڪرڻ وارؤ! اوهين جيڪي ڪڏهن هن لاءِ ماتم ڪندا هئا، سي هاڻي ساڻس گڏ خوشيون ملهايو.
ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.
پوءِ هن مون کي چيو تہ ”اي دانيال! ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ پهرئين ئي ڏينهن، جڏهن تو پنهنجيءَ دل ۾ ارادو ڪيو تہ انهيءَ ڳجھہ واري ڳالهہ جي سمجھہ حاصل ڪرين، جنهن لاءِ تو پنهنجي خدا جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪيو، تڏهن کان وٺي تنهنجي دعا ٻڌي ويئي ۽ آءٌ تنهنجي دعا جي ڪري ئي موڪليو ويو آهيان.
تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آهي تيستائين هو ڪي غمگين رهندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت هو بہ روزا رکندا.
مون کي ڏاڍو ڏک آهي ۽ منهنجي دل ۾ پنهنجي ڀائرن ڀينرن يعني پنهنجي قوم وارن لاءِ سدائين غم ۽ درد ٿو رهي تہ ڪاش! اهي ڇوٽڪارو حاصل ڪن. انهيءَ لاءِ آءٌ پاڻ انهن جي خاطر لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيڻ لاءِ بہ تيار آهيان.
افسوس ڪريو، ماتم ڪريو ۽ روئو. اوهين پنهنجو کِلڻ روئڻ پٽڻ ۾ بدلايو ۽ خوشي اداسيءَ ۾.
جيڪڏهن ڪو انهن شاهدن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انهن جي وات مان باهہ نڪري سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اهو ضرور اهڙيءَ طرح ئي ماريو ويندو.