Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 10:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ هن مون کي چيو تہ ”اي دانيال! ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ پهرئين ئي ڏينهن، جڏهن تو پنهنجيءَ دل ۾ ارادو ڪيو تہ انهيءَ ڳجھہ واري ڳالهہ جي سمجھہ حاصل ڪرين، جنهن لاءِ تو پنهنجي خدا جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪيو، تڏهن کان وٺي تنهنجي دعا ٻڌي ويئي ۽ آءٌ تنهنجي دعا جي ڪري ئي موڪليو ويو آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 تڏهن هن مون کي چيو، تہ داني ايل، ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو شروع کان، جنهن ڏينهن تو سمجهڻ جي لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻي ٿيڻ جي لاءِ، دل ۾ ارادو ڪيو، تنهن ڏينهن کان وٺي تنهنجي دعا ٻڌي ويئي: ۽ آءٌ تنهنجي دعا جي سبب آيو آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 10:12
26 Iomraidhean Croise  

جڏهن مون روزو رکي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏنو، تڏهن انهيءَ جي لاءِ بہ مون کي مهڻا ئي مهڻا ٿا ملن.


اوهين ڊڄڻيءَ دل وارن کي هي چئي همتايو تہ ”اوهين ڊڄو نہ، بلڪ همت ڌاريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بچائڻ جي لاءِ اچي رهيو آهي. هائو، هو اچي رهيو آهي تہ جيئن اسان جي دشمنن کي سزا ڏيئي کانئن اسان جو پورو پورو بدلو وٺي.“


تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين جيتوڻيڪ ٿورا ۽ ڪمزور آهيو، تہ بہ اوهين نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو مددگار آهيان. هائو، آءٌ اوهان جو ڇڏائيندڙ ۽ پاڪ معبود آهيان.


پوءِ جڏهن اوهين مون کان دعا گھرندا، تہ آءٌ اوهان جي دعا قبول ڪندس. اوهين مون کي پڪاريندا تہ آءٌ چوندس تہ ’اِجھو، آءٌ اوهان وٽ آهيان.‘ جيڪڏهن اوهين پاڻ منجھان ظلم کي، ٻين تي طعنا ۽ الزام هڻڻ کي، ۽ ٻين جي گلا ڪرڻ کي ڪڍي ڇڏيندا،


اهي اڃا مون کان دعا گھري بس ئي نہ ڪندا، تہ آءٌ کين سندن دعائن جو جواب ڏيندس.


تڏهن انهيءَ هستيءَ مون کي چيو تہ ”اي دانيال، بيحد پيارا شخص! اُٿي سنئون ٿي بيهہ، آءٌ تو ڏانهن موڪليو ويو آهيان. سو هاڻي جيڪي ڳالهيون آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو سي سمجھي وٺ.“ جڏهن هن مون کي ائين چيو تڏهن آءٌ ڏڪندو اُٿي بيٺس.


پوءِ مون کي چيائين تہ ”اي بيحد پيارا شخص! ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، هاڻي مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ.“ هن جڏهن مون کي ائين چيو تہ مون ۾ طاقت اچي ويئي. سو کيس چيم تہ ”جيئن تہ توهان مون کي طاقت عطا ڪئي آهي، سو هاڻي ڀلي منهنجو آقا مون سان ڳالهائي.“


”اوهان جي لاءِ هي هميشہ جو قانون ٿيندو تہ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ تي اوهان مان هر ڪو ماڻهو، پوءِ اهو اوهان جي قوم مان هجي توڙي ڌاريو، پنهنجي پنهنجي نفس کي ماري ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪري.


اهو اوهان جي لاءِ آرام جو مخصوص ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن اوهين پنهنجي پنهنجي نفس کي مارجو، اهو ئي هميشہ جي لاءِ قانون آهي.


”انهيءَ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ تي اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو. انهيءَ ڏينهن تي اوهين پنهنجي خواهشن کي روڪجو ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو.


عيسيٰ کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منهنجي شاگردن کي وڃي ٻڌايو تہ هو گليل ڏانهن هلن. اتي هو مون کي ڏسندا.“


انهيءَ ملائڪ عورتن کي چيو تہ ”اوهين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين عيسيٰ کي ڳولي رهيون آهيو، جيڪو صليب تي چاڙهيو ويو هو.


تنهن تي انهيءَ نوجوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوهين عيسيٰ ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو صليب تي چاڙهيو ويو هو؟ هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري جيئرو ڪيو ويو آهي. ڏسو، هيءَ اها جاءِ آهي جتي سندس لاش کي آڻي رکيو هئائون.


تنهن تي خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”اي زڪرياہ! ڊڄ نہ. تنهنجي دعا قبول ڪئي ويئي آهي. سو تنهنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يحيٰ رکج.


تڏهن ملائڪ چيس تہ ”مريم! ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ خدا تو تي مهربان آهي.


تنهن تي ملائڪ چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان لاءِ هڪ وڏي خوشخبري آندي آهي، جيڪا سڄي قوم لاءِ هوندي.


پر هن چين تہ ”ڇو پريشان ٿي ويا آهيو ۽ اوهان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟


۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، هي جيڪي ماڻهو جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي خدا تنهنجي خاطر بچايو آهي.‘


جڏهن مون هن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رهيس. هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ شروعات، پڇاڙي


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan