Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 10:1 - Muslim Sindhi Bible

1 فارس جي بادشاهہ خورس جي شهنشاهيءَ جي ٽئين سال مون دانيال عرف بيلطشضر تي هڪڙي ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي. اها ڳالهہ سچي تہ هئي پر اهڙي ڳجھي هئي جو سمجھہ ۾ نہ ٿي آئي، تنهنڪري رويا جي ذريعي اها هن ريت مون کي سمجھائي ويئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 فارس جي بادشاهہ خورس جي ٽئين سال ۾، داني ايل، جنهن جو نالو بيلطشضر رکيو ويو هو، تنهن تي هڪڙي ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي؛ ۽ اُها ڳالهہ سچي هئي، يعني هڪڙي وڏي جنگ، ۽ هن اُها ڳالهہ سمجهي، ۽ انهي رويا جي پروڙ پيس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 10:1
28 Iomraidhean Croise  

اهو خواب جيڪو تو کي ٻہ ڀيرا ڏيکاريو ويو آهي، تنهن جو مطلب آهي تہ اها ڳالهہ خدا مقرر ڪري ڇڏي آهي ۽ هو جلد ائين ڪندو.


فارس جي بادشاهہ خورس جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت ڏنل پنهنجو فرمان پورو ڪرڻ خاطر خورس شهنشاهہ جي دل ۾ هي خيال وڌو تہ هو پنهنجي سڄيءَ شهنشاهت ۾ حڪم‌نامو جاري ڪري اهو اعلان ڪرائي تہ


پوءِ ماڻهن رازن ۽ واڍن جي مزدوريءَ لاءِ پئسا ڏنا. هنن کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ زيتون جو تيل بہ ڏنو تہ جيئن اهي شيون صيدا ۽ صور ڏانهن موڪليون وڃن، جنهن جي عيوض لبنان کان يافا تائين سمنڊ رستي ديال جا وڻ وڍائي آندا وڃن. اهو سڀ ڪجھہ فارس جي بادشاهہ خورس جي اجازت سان ٿي ڪيو ويو.


پر زربابل، يشوع ۽ بني اسرائيل جي گھراڻن جي وڏن کين وراڻيو تہ ”اسان جي خدا جي هيڪل تعمير ڪرڻ ۾ اوهان جو ڪوبہ واسطو ڪونهي. اسين پاڻ خداوند، بني اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل تعمير ڪنداسين، جيئن فارس جي بادشاهہ خورس اسان کي حڪم ڏنو آهي.“


هنن سرڪاري عملدارن کي رشوتون ڏيئي سندن خلاف ڪيو. فارس جي بادشاهہ خورس جي ڏينهن کان وٺي فارس جي بادشاهہ دارا جي ڏينهن تائين هو ائين ڪندا رهيا.


سو حجي ۽ زڪرياہ نبين جي پيغامن مطابق يهودين جي اڳواڻن تعمير جو ڪم جاري رکيو. هنن بني اسرائيل جي خدا جي حڪم موجب ۽ فارس جي بادشاهن خورس، دارا ۽ ارتخششتا جي فرمانن موجب هيڪل جوڙي تيار ڪئي.


”خورس شهنشاهہ جي شاهيءَ جي پهرئين سال يروشلم ۾ خدا جي گھر متعلق هن هڪڙو حڪم جاري ڪيو تہ ’اهو گھر يعني اها جاءِ جتي قربانيون پيش ڪجن ٿيون، سا ڀلي تہ وري تعمير ڪئي وڃي ۽ ڀلي تہ انهيءَ جو بنياد وڌو وڃي. ان جي اوچائي ستاويهہ ميٽر ۽ ويڪر بہ ستاويهہ ميٽر هجي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خورس کي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي تہ اهو منهنجي پاران دنيا تي حڪمراني ڪندو. هو منهنجي سموري مرضي پوري ڪندي يروشلم شهر کي وري اڏائيندو، ۽ هيڪل جا بنياد رکائيندو.“


هاڻ خدا انهن چئني نوجوانن کي هر قسم جي علم وَ ادب ۾ مهارت ۽ ڏاهپ عطا ڪئي. هن دانيال کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجھہ پڻ عطا ڪئي.


ان طرح دانيال نبوڪدنضر جي شاهي درٻار ۾ ايستائين رهيو، جيستائين ان ملڪ بابل تي فارس ملڪ جي شهنشاهہ خورس فتح حاصل نہ ڪئي.


محل جي داروغي انهن جا نالا بدلائي نوان نالا رکيا. دانيال جو بيلطشضر، حنانياہ جو سدرڪ، ميساايل جو ميسڪ ۽ عزرياہ جو عبدنجو نالو رکيائين.


هاڻي آءٌ تو کي اهو سمجھائڻ آيو آهيان تہ ايندڙ ڏينهن ۾ تنهنجيءَ قوم تي ڇا گذرندو، ڇاڪاڻ تہ هيءَ رويا مستقبل جي باري ۾ ئي آهي.“


پوءِ انهيءَ هستيءَ مون دانيال کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ تو کي انهيءَ ڳجھہ واري ڳالهہ جي حقيقت ٻڌايان ٿو. سو ٻڌ، فارس ۾ اڃا ٽن بادشاهن جي حڪومت اچڻي آهي ۽ ان بعد چوٿون بادشاهہ ٿيندو، جيڪو انهن سڀني کان وڌيڪ دولتمند هوندو. هو دولت ۽ طاقت ۾ ايترو تہ وڌي ويندو، جو پوري شهنشاهت کي يونان جي بادشاهت خلاف اٿاري کڙو ڪندو.


هاڻي اي دانيال! انهن رويائن وارين ڳالهين جي ڪتاب کي بند ڪري رک ۽ پڄاڻيءَ واري وقت تائين مٿس مُهر هڻي ڇڏ. انهيءَ دوران گھڻا ئي ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھڻ لاءِ پيا اجائي ڊڪ ڊوڙ ڪندا.“


هن چيو تہ ”اي دانيال! انهن ڳالهين کي ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ تہ انهن ڳالهين جو ڪتاب هاڻي بند ٿي ويو آهي ۽ پڄاڻيءَ جي وقت تائين انهيءَ تي مُهر لڳي ويئي آهي.


هو ئي وقتن کي ڦيري ڇڏي ٿو ۽ زمانا تبديل ٿو ڪري، هو ئي بادشاهن کي قائم ٿو ڪري ۽ کين معزول پڻ ڪري ٿو، هو ئي ڏاهن کي ڏاهپ ۽ عقلمندن کي ڄاڻ عطا ڪري ٿو.


نيٺ دانيال منهنجي آڏو آيو، جنهن جو نالو بابل ملڪ ۾ منهنجي معبود جي نالي پٺيان بيلطشضر رکيل آهي. دانيال ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي. مون کيس پنهنجو خواب ٻڌائيندي چيو تہ


ڇاڪاڻ تہ دانيال نالي انهيءَ شخص ۾، جنهن کي بادشاهہ نبوڪدنضر ’بيلطشضر‘ جو نالو ڏنو هو، غير معمولي خوبيون هيون. منجھس خوابن جو تعبير ڪرڻ جو علم ۽ سمجھہ، ڳُجھن کي بيان ڪرڻ ۽ مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت پڻ هئي. سو هاڻي دانيال کي گھراءِ، هو ئي تو کي انهيءَ لکت جو مطلب ٻڌائيندو.“


تڏهن دانيال بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”تنهنجا انعام تو کي ئي نيبهہ هجن، يا اهي ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏ. تنهن هوندي بہ آءٌ اها لکت تو بادشاهہ کي پڙهي ٿو ٻڌايان ۽ انهيءَ جو مطلب بہ سمجھايان ٿو.


اهڙيءَ طرح نہ رڳو دارا جي بادشاهت دوران، بلڪ خورس فارسيءَ جي بادشاهت دوران پڻ ڪاميابي دانيال جا قدم چمندي رهي.


پوءِ مون اُولائي واهہ طرفان هڪڙو انساني آواز ٻڌو، جنهن وڏي سڏ چيو تہ ”اي جبرائيل! هن شخص کي انهيءَ رويا جو مطلب سمجھاءِ.“


صبح ۽ شام وارين قربانين جي باري ۾ جيڪي ڪجھہ رويا ۾ ٻڌايو ويو آهي، سو سچ آهي. پر تون انهيءَ رويا کي في‌الحال راز ۾ رک، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي پوري ٿيڻ ۾ اڃا گھڻو وقت پيو آهي.“


پر تو منهنجي ڳالهہ تي يقين نہ ڪيو آهي جيڪا مقرر وقت تي سچي ثابت ٿيندي. ڏس، جيئن تہ تو يقين نہ ڪيو آهي تنهنڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ جيستائين اها ڳالهہ پوري نہ ٿيندي تيستائين تون ڳالهائي نہ سگھندين.“


ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”هي لکي ڇڏ تہ سڀاڳا آهن اهي، جن کي گھيٽڙي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي.“ هن هي بہ چيو تہ ”هي خدا جا سچا لفظ آهن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan