9 خدا محل جي داروغي جي دل ۾ دانيال لاءِ رحم ۽ همدردي وجھي ڇڏي.
9 هاڻي خدا داني ايل کي ناظرن جي سردار جي نظر ۾ مان وارو ۽ رحم جوڳو ڪيو.
هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“
پر خداوند يوسف سان هو. هن يوسف تي ٻاجھہ ڪئي ۽ جيلر کي مٿس مهربان ڪيائين.
تنهنجي قوم جيڪي تنهنجا گناهہ يا خطائون ڪيون آهن، سي سڀ کين معاف ڪر ۽ جن کين قيد ڪيو هجي تن جي اڳيان مٿن رحم ڪج تہ جيئن اهي بہ مٿن ترس کائين.
تنهنڪري تون پنهنجي هن ٻانهي جي دعا ٻڌ ۽ پنهنجي انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن بہ ڪن ڏي، جيڪي تنهنجي نالي جي تعظيم ڪري خوش ٿيندا آهن. مهرباني ڪري هاڻي مون کي ڪامياب ڪر ۽ بادشاهہ جي دل ۾ منهنجي لاءِ رحم وجھہ.“ تن ڏينهن ۾ آءٌ بادشاهہ جو ساقي هئس.
تنهن تي بادشاهہ مون کي چيو تہ ”تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مطلب ڇا آهي؟“ تڏهن مون عرش عظيم جي خدا کان دعا گھري
اها ڇوڪري هيجا کي وڻي ويئي ۽ هو مٿس مهربان ٿي پيو. تڏهن فوراً هن کي هار سينگار جي هر ڪا سهوليت ڏني ويئي ۽ سٺو کاڌو پيتو پڻ مهيا ڪيو ويو. هيجا آستر کي محل مان ست نوڪرياڻيون سندس خدمت لاءِ ڏنيون ۽ کيس حرم خاني جي سٺي ۾ سٺي جاءِ ۾ رهايو.
مگر محتاجن کي خدا انهن ماڻهن جي زبان جي تلوار کان، ۽ زورآورن جي چنبي کان بچائي وٺي ٿو.
سو غريب کي اميد رهي ٿي، ۽ بيانصافي پنهنجي زبان بند ڪري ڇڏي ٿي.“
پوءِ جن کين پنهنجي قبضي ۾ رکيو هو، خداوند تن سڀني جي دلين ۾ سندن واسطي قياس وڌو.
اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ نيڪ بندي کي خداوند پنهنجي لاءِ مخصوص ٿو ڪري ڇڏي، سو مون کي يقين آهي تہ هو منهنجي پڪار ضرور ٻڌندو.
جڏهن انسان جون راهون خداوند کي پسند اچن ٿيون، تڏهن هو سندس دشمنن کي بہ دوست بڻايو ڇڏي.
تنهن هوندي بہ محل جي داروغي دانيال کي چيو تہ ”منهنجي آقا بادشاهہ اوهان جي لاءِ اهو کاڌو پيتو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سو آءٌ ڊڄان ٿو تہ جيڪڏهن هو تو کي تنهنجي همعمر جوانن کان لٿل ڏسندو تہ تنهنجي ڪري منهنجي سسي لهرائي ڇڏيندو.“
۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين. خدا کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي بادشاهہ جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو.