Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 1:6 - Muslim Sindhi Bible

6 انهن چونڊي ڪڍيلن ۾ بني يهوداہ قبيلي جا دانيال، حنانياہ، ميساايل ۽ عزرياہ پڻ شامل هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 هاڻي انهن ۾ بني يهوداہ مان داني ايل، حننياہ، ميساايل ۽ عزرياہ هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 1:6
10 Iomraidhean Croise  

پوءِ جيتوڻيڪ هي ٽي ماڻهو نوح، دانيال ۽ ايوب انهن سان گڏ رهندا هجن، تڏهن بہ انهن جي نيڪي رڳو انهن ٽن کي ئي بچائي سگھندي، ٻين کي نہ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


تڏهن جيڪڏهن نوح، دانيال ۽ ايوب بہ انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هجن تہ بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اهي پنهنجن ٻارن مان ڪنهن هڪ کي بہ بچائي نہ سگھندا. اهي پنهنجي نيڪيءَ جي ڪري رڳو پنهنجي ئي جان بچائي سگھندا.


تون سمجھين ٿو تہ تون دانيال کان بہ وڌيڪ داناءُ آهين، ۽ اهڙو ڪوبہ ڳجھہ ناهي جيڪو تو کان لڪل هجي.


بادشاهہ جڏهن انهن نوجوانن سان گفتگو ڪيو تہ سڀني مان دانيال، حنانياہ، ميساايل ۽ عزرياہ جهڙو کيس ٻيو ڪوبہ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. تنهنڪري اهي بادشاهہ جي درٻار ۾ حاضر رهڻ لاءِ مقرر ٿيا.


پوءِ دانيال پنهنجي گھر ويو ۽ پنهنجي سنگتين حنانياہ، ميساايل ۽ عزرياہ کي اهو احوال ٻڌايائين.


تڏهن اريوڪ هڪدم دانيال کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي آيو ۽ بادشاهہ کي چيائين تہ ”يهوداہ ملڪ کان پڪڙي آندل ماڻهن مان مون هڪڙو ماڻهو لڌو آهي، جيڪو بادشاهہ سلامت کي تعبير ٻڌائيندو.“


تڏهن دانيال کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو. بادشاهہ دانيال کي مخاطب ٿي چيو تہ ”مون ٻڌو آهي تہ تون اهو ئي دانيال آهين، جيڪو يهوداہ ملڪ جي انهن يهودين منجھان هڪ آهين، جن کي منهنجي پيءُ پڪڙي آندو هو؟


جڏهن بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن کيس ڏاڍو رنج پهتو. هن دل ۾ ارادو ڪيو تہ دانيال کي بچائي، سو سج لٿي تائين هو کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.


”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي مقدس هيڪل ۾ رکيل ڏسو، جنهن بابت دانيال نبيءَ جي معرفت ٻڌايو ويو آهي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)،


”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي اُتي رکيل ڏسو جتي اهڙي شيءِ رکيل نہ هئڻ گھرجي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)، تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan