Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 1:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن بادشاهہ انهن جي لاءِ شاهي خوراڪ ۽ شاهي مئي مان روزانو لاءِ حصو مقرر ڪيو. انهن کي ٽن سالن تائين تربيت حاصل ڪرڻي هئي، تنهن کان پوءِ کين بادشاهہ جي خدمت ڪرڻي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ بادشاهہ انهن جي لاءِ پنهنجي شاهي خوراڪ مان، ۽ جيڪو شراب پاڻ پيئندو هو تنهن مان، ڪو حصو مقرر ڪيو، انهي لاءِ تہ ٽن ورهين تائين انهن کي پرورش ملي؛ ۽ انهيءَ عرصي جي پوري ٿيڻ تي هو اچي بادشاهہ جي حضور ۾ بيهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 1:5
14 Iomraidhean Croise  

ان وقت يوسف ٽيهن سالن جو هو جڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون جي نوڪري شروع ڪيائين. پوءِ يوسف فرعون جي درٻار مان نڪري مصر جي سڄي ملڪ جو دورو ڪرڻ لڳو.


تنهنجيون زالون ڪيڏيون نہ خوش‌نصيب آهن! تنهنجا عملدار ڪيڏا نہ خوش‌نصيب آهن، جيڪي هر وقت تو وٽ حاضر رهن ٿا ۽ تنهنجيون ڏاهپ جون ڳالهيون ٻڌن ٿا!


جيستائين يهوياڪين جيئرو هو، تيستائين کيس بابل جي بادشاهہ وٽان هميشہ روزمرہ جو مقرر خرچ ملندو رهيو.


تنهنجا ماڻهو ڪيڏا نہ خوش‌نصيب آهن. تنهنجا عملدار ڪيڏا نہ خوش‌بخت آهن جيڪي هميشہ تنهنجي حاضريءَ ۾ بيٺا تنهنجي ڏاهپ ٻڌندا آهن.


اوهين سندس دسترخوان تي پيش ڪيل لذيذ طعامن جا لالچي نہ بڻجو، متان هو اوهان کي آزمائڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.


تنهن تي خداوند ورندي ڏني تہ ”جيڪڏهن تون توبهہ ڪندين تہ آءٌ بہ تو کي وري بحال ڪندس، تہ جيئن تون ٻيهر منهنجو پيغام ٻڌائي سگھين. جيڪڏهن تون بيڪار ڳالهيون ڪرڻ ڇڏي ڪارائتيون ڳالهيون ڪندين، تہ آءٌ تو کي وري پنهنجو نبي بڻائيندس. تون يهوداہ جي ماڻهن جي ڳالهين کان دور رهہ، اٽلندو هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين کي قبول ڪري وٺندا،


بادشاهہ جڏهن انهن نوجوانن سان گفتگو ڪيو تہ سڀني مان دانيال، حنانياہ، ميساايل ۽ عزرياہ جهڙو کيس ٻيو ڪوبہ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. تنهنڪري اهي بادشاهہ جي درٻار ۾ حاضر رهڻ لاءِ مقرر ٿيا.


دانيال پنهنجيءَ دل ۾ اهو پڪو ارادو ڪيو تہ هو شاهي خوراڪ کائڻ سان ۽ شاهي مئي پيئڻ سان پاڻ کي پليت نہ ڪندو. تنهنڪري هن محل جي داروغي کي عرض ڪيو تہ کيس اجازت ڏني وڃي تہ هو پاڻ کي اهڙي ناپاڪيءَ کان بچائي رکي.


اسان جي روزانو واري ماني اڄ اسان کي ڏي.


تنهن تي ملائڪ وراڻيس تہ ”آءٌ جبرائيل آهيان ۽ خدا جي حضور ۾ حاضر رهندو آهيان. خدا ئي مون کي موڪليو آهي تہ تو سان ڳالهايان ۽ تو کي اها خوشخبري ٻڌايان.


اسان جي روزانو واري ماني اسان کي هر روز ڏي.


انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ دعا گھرندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ ابنِ آدم جي حضور ۾ بيهڻ جي توفيق مليوَ.“


پوءِ سائول يسيءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيئن تہ دائود مون کي پسند آيو آهي، تنهنڪري تون کيس مون وٽ رهڻ ڏي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan