Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 1:2 - Muslim Sindhi Bible

2 پروردگار بادشاهہ يهويقيم کي نبوڪدنضر جي هٿان گرفتار ڪرايو ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجي هيڪل جا چونڊ ٿانوَ بہ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائين. نبوڪدنضر اهي ساڻ کڻي بابل ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي بت‌خاني ۾ آيو، جتي هن اهي ٿانوَ بت‌خاني جي خزاني ۾ رکي ڇڏيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم کي ۽ ساڻس گڏ ڪي خداوند جي گهر جا ٿانوَ بہ هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا؛ ۽ اُهي هو کڻي سنعار جي ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي گهر ۾ ويو: ۽ اُهي ٿانوَ هن پنهنجي معبود جي گهر ۾ آڻي رکيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 1:2
30 Iomraidhean Croise  

هن جي بادشاهت جي شروعات بابل، ارڪ ۽ اڪاد شهرن مان ٿي، اهي ٽيئي شهر شِنعار علائقي ۾ آهن.


تڏهن هو اوڀر طرف گھمندي گھمندي شِنعار علائقي جي هڪڙي ميدان ۾ آيا ۽ اتي ئي رهي پيا.


يهويقيم جي بادشاهيءَ دوران، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هن جي ملڪ تي چڙهائي ڪري آيو ۽ يهويقيم ٽي سال هن جي ڍل ڀريندڙ ٿي رهيو، پر پوءِ هن نبوڪدنضر جي خلاف بغاوت ڪئي.


جڏهن يهويقيم کي يهوداہ جو بادشاهہ بڻايو ويو، تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال بادشاهي ڪئي. هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند سندس خدا جي نظر ۾ برا هئا.


نبوڪدنضر خداوند جي گھر جا ٿانوَ بہ بابل ڏانهن کڻي ويو ۽ هن اهي بابل ۾ پنهنجي محل ۾ وڃي رکرائي ڇڏيا.


انهيءَ کان سواءِ خورس شهنشاهہ بہ خداوند جي گھر جا اهي ٿانوَ جيڪي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم مان کڻائي پنهنجي معبودن جي گھر ۾ آڻي رکيا هئا، سي هو اتان ڪڍي کڻائي آيو.


انهيءَ ڏينهن پروردگار وري پنهنجو قدرت وارو هٿ وڌائيندو، تہ جيئن پنهنجي قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي جلاوطنيءَ مان موٽائي وطن آڻي، جيڪي اشور، مصر ۽ ان جي ڏاکڻي علائقي فتروس، سوڊان، عيلام، شِنعار ۽ حمات جي ملڪن کان علاوہ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ باقي بچيا هوندا.


ڀلا اوهان بني يعقوب کي لٽ جو مال بڻائڻ وارو ڪير هو؟ هائو، ڪنهن اوهان بني اسرائيل وارن کي ڦورن جي حوالي ڪيو؟ بيشڪ اهو سڀ خداوند ئي ڪيو، جنهن جو اسان گناهہ ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس واٽ تي اسان هلڻ نہ گھريو، ۽ سندس شريعت جي تابعداري نہ ڪئي سون.


يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي باري ۾ مون يرمياہ نبيءَ تي خدا جو فرمان نازل ٿيو. بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جو اهو پهريون سال هو.


پوءِ مون يرمياہ وڃي ڪاهنن ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”اوهين انهن نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، جيڪي اڳڪٿي ڪري چون ٿا تہ ’هاڻ سگھو ئي خداوند جي هيڪل جو سامان بابل مان موٽائي آندو ويندو.‘ اهي اوهان کي ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪري ٿا ٻڌائين.


ٻن سالن اندر آءٌ هيڪل جو اهو سڄو سامان هن هنڌ موٽائي آڻيندس، جيڪو بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هتان بابل ڏانهن کڻي ويو هو.


پر جڏهن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر هن ملڪ تي ڪاهہ ڪئي تڏهن اسان فيصلو ڪيو تہ بابلين ۽ ارامين جي لشڪرن کان ڀڄي پري يروشلم شهر ڏانهن هليو وڃجي. ائين اسين يروشلم ۾ اچي رهڻ لڳاسون.“


”تون قومن منجھہ ظاهر ڪر ۽ منجھن اعلان ڪر، هڪڙو جھنڊو کڙو ڪري پڌرائي ڪر ۽ ڪجھہ بہ نہ لڪاءِ، چئُہ تہ ’بابل قبضي هيٺ اچي ويو آهي، ان جي رهاڪن جو معبود مردوڪ خوار خراب ڪيو ويو آهي. هائو، سندن انهيءَ ديوتا کي ڊاهي ڪيرايو ويو آهي، ۽ سندس ڪراهت جهڙا بت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيا ويا آهن.‘


آءٌ بابل وارن جي مردوڪ ديوتا کي سزا ڏيندس، ۽ جيڪو بہ مال پنهنجي پوڄارين جي وسيلي لٽي ڦري هو ڳهي ويو هو، سو آءٌ کانئس اوڳاڇرائيندس. اڳتي قومون هن جي پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏينديون. بابل جا ڪوٽ ڪرڻ وارا آهن.


تڏهن دانيال کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو. بادشاهہ دانيال کي مخاطب ٿي چيو تہ ”مون ٻڌو آهي تہ تون اهو ئي دانيال آهين، جيڪو يهوداہ ملڪ جي انهن يهودين منجھان هڪ آهين، جن کي منهنجي پيءُ پڪڙي آندو هو؟


اي بادشاهہ! خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي، عظمت، عزت ۽ حشمت عطا ڪئي هئي.


انهيءَ ڪري هو پنهنجي ئي ڄار کي خدا ٿا سمجھن ۽ انهيءَ لاءِ ئي قرباني ٿا ڪن ۽ لوبان ٿا ساڙين، ڇو تہ هو انهيءَ جي ئي وسيلي عيش واري زندگي ٿا گذارين ۽ لذيذ ۽ سڻڀا طعام ٿا کائين.


هن وراڻيو تہ ”هو انهيءَ گُندڙي کي بابل ملڪ ڏانهن کڻي ٿيون وڃن، جتي هڪڙو پوڄا گھر ٺاهي انهيءَ ۾ هڪڙي دِڪيءَ تي اهو گُندڙو رکيو ويندو، انهيءَ لاءِ تہ ان جي پوڄا ڪئي وڃي.“


خداوند، تنهنجو محافظ جيڪڏهن تو کي ڇڏي نہ ڏي ها، هائو، جيڪڏهن هو تو کي ٻين جي حوالي نہ ڪري ها، تہ پوءِ ڪيئن تنهنجي هڪ هزار جي پٺيان هڪڙو ڄڻو پوي ها، ۽ ڪيئن تنهنجي ڏهن هزارن کي ٻہ ڄڻا ڀڄائي ڪڍن ها؟


تنهن تي خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ هن کين ڦورن جي حوالي ڪري ڇڏيو جن کين ڦري لٽي ڇڏيو. هن انهن کي سندن آس‌پاس وارن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ سگھيا.


تڏهن خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ هن انهن کي ارام علائقي جي هڪ بادشاهہ ڪوشن رسعتيم جي هٿ ڏيئي ڇڏيو. سو بني اسرائيل اٺن سالن تائين ڪوشن رسعتيم جي غلامي هيٺ رهيا.


تنهنڪري خداوند انهن کي ڪنعان جي بادشاهہ يابين جي حوالي ڪري ڇڏيو جيڪو حصور شهر ۾ راڄ ڪندو هو. انهيءَ جي فوج جو سپهہ‌سالار سيسرا هو جيڪو حروست هگوئيم ۾ رهندو هو.


پوءِ هنن اها پنهنجي ديوتا دجون جي مندر ۾ آندي ۽ دجون جي بت جي پاسي ۾ رکي ڇڏيائون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan