دانيال 1:15 - Muslim Sindhi Bible15 انهن ڏهن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هنن جون شڪليون وڌيڪ رونقدار ۽ سندن بدن وڌيڪ صحتمند ڏسڻ ۾ آيا، بنسبت انهن نوجوانن جي جن شاهي طعام پئي کاڌا. Faic an caibideilSindhi Bible15 ۽ ڏهن ڏينهن جي پوري ٿيڻ تي هنن جون شڪليون وڌيڪ سهڻيون، ۽ بدن وڌيڪ ٿلها ڏسڻ ۾ آيا، بنسبت انهن جوانن جي، جن بادشاهہ جا طعام کاڌا هئا. Faic an caibideil |
اوهين پوکيو تہ گھڻو ئي ٿا پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو. اوهين کاڌو کائو تہ گھڻو ٿا پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿو ٿئي. اوهين مئي پيئو تہ گھڻي ٿا پر اوهان جي اڃ نہ ٿي لهي. اوهين ڪپڙا تہ گھڻا ئي پايو ٿا پر اوهين سرديءَ کان بچي نہ ٿا سگھو. اوهين مزدوريءَ مان ڪمايو تہ گھڻو ئي ٿا پر اها ڪمائي اوهان جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نہ ٿي ڪري سگھي.
اوهان پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گھڻو ڪجھہ حاصل ڪرڻ جي اميد رکي پر اوهان کي مليو ٿورو. اوهان اها ڪمائي پنهنجي گھر تہ آندي، پر مون ڦوڪ ڏيئي اها سڀ اڏائي ڇڏي. مون خداوند ائين ڇو ڪيو؟ مون ائين انهيءَ لاءِ ڪيو جو منهنجي هيڪل ويران لڳي پيئي آهي، جڏهن تہ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ منهنجي گھر ڏانهن ڌيان نہ ٿا ڏيو.