Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 ”آءٌ توهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ڏهن ڏينهن تائين اسان پنهنجي خادمن کي کائڻ لاءِ سادو کاڌو ۽ پيئڻ لاءِ رڳو پاڻي ڏيئي آزمائي ڏسو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجن ٻانهن کي ڏهہ ڏينهن آزمائي ڏس؛ ۽ اسان کي کائڻ لاءِ ڀاڄي ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 1:12
7 Iomraidhean Croise  

تڏهن محل جي داروغي جنهن ناظر کي دانيال، حنانياہ، ميساايل ۽ عزرياہ تي مقرر ڪيو هو، تنهن کي دانيال چيو تہ


پوءِ توهان اسان جون شڪليون انهن نوجوانن جي شڪلين سان ڀيٽي ڏسجو جيڪي شاهي طعام ٿا کائين، تنهن بعد جيئن توهان مناسب سمجھو تيئن پنهنجي ٻانهن سان سلوڪ ڪجو.“


تڏهن ان ناظر اها شاهي خوراڪ ۽ مئي جيڪا سندن کائڻ پيئڻ لاءِ مقرر هئي، سا اڳتي لاءِ بہ بند ڪري ڇڏي ۽ کين رڳو سادو کاڌو ڏيڻ لڳو.


هڪڙو ماڻهو مڃي ٿو تہ هر ڪا شيءِ کائڻ جائز آهي، پر ٻئي جو ايمان ڪمزور آهي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي.


تنهنڪري هن اوهان کي عاجز ڪيو ۽ بکيو رکيو. پوءِ اوهان کي اها مَنَ کارايائين جنهن جي نہ اوهان کي خبر هئي نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي. هن ڪري جو هو اوهان کي اهو سيکاري تہ انسان رڳو مانيءَ سان ئي جيئرو نہ ٿو رهي، بلڪ خداوند جي چيل هر هڪ ڳالهہ سان جيئرو رهي ٿو.


جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ ابليس آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي زندگيءَ جو تاج پارائيندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan