Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




سنتن جا ڪم 8:1 - Muslim Sindhi Bible

1-2 پوءِ ڪن ديندار ماڻهن استيفنس کي دفنايو ۽ انهيءَ لاءِ ڏاڍو سوڳ ڪيائون. سائول هن جي قتل تي راضي هو. انهيءَ ڏينهن کان وٺي يروشلم ۾ ڪليسيا کي ڏاڍو ستايو ويو. رسولن کان سواءِ سڀيئي ايمان وارا يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ شائول هن جي قتل ڪرڻ تي راضي هو. ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪا ڪليسيا يروشلم ۾ هئي، تنهن تي ڏاڍو ظلم ٿيڻ لڳو؛ ۽ رسولن کانسواءِ باقي ٻيا سڀ يهوديہ ۽ سامريہ جي ملڪن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1-2 پوءِ ڪن ڌرمچاري ماڻهن استيفنس کي دفنايو ۽ انهيءَ لاءِ ڏاڍو سوڳ ڪيائون. سائول هن جي قتل تي راضي هو. انهيءَ ڏينهن کان وٺي يروشلم ۾ منڊليءَ کي ڏاڍو ستايو ويو. سنتن کان سواءِ سڀيئي وشواسي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 انھيءَ ڏينھن کان وٺي يروشلم ۾ ڪليسيا کي ڏاڍو ستايو ويو. رسولن کان سواءِ سڀيئي ايمان وارا يھوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




سنتن جا ڪم 8:1
35 Iomraidhean Croise  

سو مون هنن کي قاصدن جي هٿان هيئن چوائي موڪليو تہ ”آءٌ هڪڙي وڏي ڪم ۾ مصروف آهيان. تنهنڪري اچي نہ ٿو سگھان. جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس تہ ڪم رڪجي ويندو.“


جڏهن دانيال کي خبر پيئي تہ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ٿي ويئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گھر هليو آيو. سندس ماڙيءَ جي ڪمري کي يروشلم جي طرف کان کُليل جارا هئا، جتي هن هميشہ جيان ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي پنهنجي خدا جو شڪر بجا آندو ۽ کانئس دعا گھري.


تڏهن بادشاهہ جي خوشيءَ جي ڪا حد نہ رهي. پوءِ هن حڪم ڪيو تہ ”دانيال کي ڪڍي ٻاهر آڻيو.“ سو دانيال کي ڏر مان ڪڍي ٻاهر آندو ويو. کيس ڪنهن بہ قسم جو نقصان نہ رسيو هو، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي خدا تي ڀروسو ڪيو هو.


جڏهن تہ ڪن دعوتين سندس نوڪرن کي پڪڙي مار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو.


ڏسو، آءٌ اوهان ڏانهن نبي، سياڻا ماڻهو ۽ عالم موڪلي رهيو آهيان. اوهين انهن مان ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ڪن کي صليب تي چاڙهيندا ۽ ڪن کي پنهنجن عبادت‌خانن ۾ چهبڪ هڻندا ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر بہ شهر سندن پيڇو ڪندا رهندا.


”اوهين انسانذات لاءِ لوڻ مثل آهيو. پر جيڪڏهن لوڻ پنهنجي لوڻياٺ ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري لوڻياٺو بڻائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آهي. اهو بيڪار ٿي پوندو، تنهنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺان لتاڙيو ويندو.


مون اوهان کي اڳ ۾ جيڪي ٻڌايو آهي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنهنجي مالڪ کان وڏو نہ آهي. سو جيئن ماڻهن مون کي ستايو آهي تيئن اوهان کي بہ ستائيندا. جيئن ڪن منهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو آهي تيئن اوهان جي ڳالهين تي بہ عمل ڪندا.


ڏسو، ماڻهو اوهان کي عبادت‌خانن مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“


انطاڪيا جي ڪليسيا ۾ خدا جو پيغام ڏيندڙن ۽ استادن مان ڪي هي هئا: برنباس، شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، لوڪيس ڪريني، مناهيم جيڪو بادشاهہ هيروديس انتپاس جو ننڍپڻ جو دوست هو ۽ سائول.


خدا پنهنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس هٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. هن کي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ هن جو لاش ڳري سڙي ويو.


هو خدا جي واکاڻ ڪندا هئا ۽ سڀني ماڻهن جو مٿن راضپو هو. خداوند عيسيٰ ڏينهون ڏينهن ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن جي جماعت ۾ واڌارو ڪندو ٿي رهيو.


جنهن وقت تنهنجي شاهد استيفنس جو رت ٿي وهايو ويو، تنهن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو هئس ۽ انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي هئس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘


سو يروشلم ۾ آءٌ ائين ئي ڪندو هئس. سردار ڪاهنن کان اختياري وٺي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ڪيترن ئي ماڻهن کي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ کين قتل ڪرائڻ لاءِ انهن جي خلاف پنهنجو رايو بہ ڏيندو هئس.


۽ کين گرفتار ڪري جيل ۾ وڌائون.


”وڃو ۽ هيڪل ۾ بيهي ماڻهن کي هن نئين زندگيءَ بابت سڀ ڪجھہ ٻڌايو.“


جڏهن ڪائونسل جي ماڻهن اهو ٻڌو تہ اهي ايترا تہ ڪاوڙيا جو رسولن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا.


تنهن هوندي بہ هنن رسولن کي اندر گھرائي چهبڪ هڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪري ڇڏي ڏنو تہ هو وري عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏين.


هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ ملائڪ جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي زندگي ڏيندڙ ڪلام مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي.


جيئن ئي ڪائونسل جي ماڻهن استيفنس جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تہ اهي دل ۾ سڙي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجا ڏند ڪرٽڻ لڳا.


هو کيس شهر مان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاهدي ڏيندڙن پنهنجا ڪپڙا لاهي سائول نالي هڪڙي نوجوان وٽ رکيا.


هوڏانهن يروشلم ۾ رسولن جڏهن ٻڌو تہ سامريہ جي ماڻهن مسيح بابت خدا جو پيغام قبول ڪيو آهي، تڏهن پاڻ مان يوحنا ۽ پطرس کي انهن ڏانهن موڪليائون.


جيڪي ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي جتي بہ ويا اتي انهن مسيح بابت خدا جي پيغام جي تبليغ ڪئي.


خدمتگار فلپس سامريہ شهر ۾ ويو ۽ اتي ماڻهن ۾ مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو.


انهن ڳالهين کان پوءِ سڄي يهوديہ، گليل ۽ سامريہ علائقن ۾ ڪليسيا کي امن حاصل ٿيو. اها خداوند جو خوف رکندي ترقي ڪندي ويئي ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌندي ويئي.


جيتوڻيڪ اهي خدا جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ مون سان جيڪي ڪجھہ ٿئي ٿو، سو حقيقت ۾ خوشخبريءَ جي واڌاري جو سبب ٿو بڻجي.


ايمان جي ڪري ئي بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪندي موسيٰ مصر کي ڇڏي ڏنو. ائين هو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ خدا کي ڄڻ تہ ڏسي ڪري ثابت قدم رهيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan