Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




سنتن جا ڪم 26:4 - Muslim Sindhi Bible

4 سڀيئي يهودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنهنجي حياتي پنهنجي وطن ۽ يروشلم شهر ۾ ڪيئن گذاري آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 شروع کان ئي مون پنهنجي زندگي پنهنجي قوم ۽ يروشلم ۾ گذاري آهي، ۽ ننڍڙي هوندي کان وٺي ڪيئن پي رهيو آهيان، تنهن جي سڀني يهودين کي خبر آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 سڀيئي يهودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنهنجو جيون پنهنجي ديس ۽ يروشلم شهر ۾ ڪيئن گذاريو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 سڀيئي يھودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنھنجي حياتي پنھنجي ملڪ ۽ يروشلم شھر ۾ ڪيئن گذاري آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




سنتن جا ڪم 26:4
5 Iomraidhean Croise  

”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا جي شهر ترسس ۾ پيدا ٿيس. آءٌ هتي يروشلم ۾ ئي وڌي وڏو ٿيس ۽ گملي‌ايل وٽان علم حاصل ڪيو اٿم. هن مون کي وڏن جي شريعت جي بہ مڪمل تعليم ڏني. جهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ هوندو هئس.


آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت عيسيٰ واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي ايمان رکان ٿو.


اوهين مون بابت تہ ٻڌي چڪا آهيو تہ جڏهن آءٌ يهودي مذهب جو پابند هئس تہ منهنجي ڪهڙي هلت چلت هئي. آءٌ خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو هئس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.


اهو انهيءَ لاءِ آهي جو دستور موجب اٺين ڏينهن تي منهنجو طهر ٿيو، آءٌ بني اسرائيل قوم جو آهيان، آءٌ انهيءَ جي بنيامين قبيلي مان آهيان، آءٌ عبرانين ۾ پڪو عبراني آهيان ۽ شريعت تي عمل جي لحاظ کان آءٌ ڪنهن وقت يهودين جي ڪٽر فرقي فريسيءَ مان هئس.


پر تو منهنجي تعليم، هلت چلت، مقصد، ايمان، تحمل، محبت ۽ ثابت قدميءَ ۾ منهنجي پيروي ڪئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan