Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




سنتن جا ڪم 26:1 - Muslim Sindhi Bible

1 تڏهن اگرپا پولس کي چيو تہ ”تو کي اجازت آهي تہ تون پنهنجي پاران ڪجھہ چئُہ.“ پولس هٿ جو اشارو ڪندي پنهنجي صفائيءَ ۾ هي بيان ڏنو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ اگرپا پولس کي چيو تہ هاڻي توکي ڳالهائڻ جي موڪل آهي. تڏهن پولس پنهنجو هٿ ڊگهيري، هن طرح پنهنجو بچاءُ ڏيڻ لڳو، تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 تڏهن اگرپا پولس کي چيو تہ ”تو کي آگيا آهي تہ تون پنهنجي پاران ڪجھہ چئُہ.“ پولس هٿ جو اشارو ڪندي پنهنجي صفائيءَ ۾ هي بيان ڏنو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 اگرپا پولس کي چيو تہ ”اوھان کي اجازت آھي تہ اوھين پنھنجي پاران ڪجھہ چئو.“ پولس ھٿ ھلائي پنھنجي بچاءَ ۾ ھي بيان ڏنو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




سنتن جا ڪم 26:1
12 Iomraidhean Croise  

آءٌ بادشاهن جي آڏو بہ تنهنجي حڪمن جو بيان ڪندي، هرگز شرمندگي محسوس نہ ڪندس.


آءٌ اوهان کي سڏي رهي آهيان. هائو، آءٌ اوهان کي اچڻ جي دعوت ڏيئي رهي آهيان. پر اوهين ٻڌو ئي ڪونہ ٿا، نڪي مون ڏانهن ڪو ڌيان ٿا ڏيو.


جيڪو پوري ڳالهہ ٻڌڻ کان اڳي انهيءَ جو جواب ڏئي ٿو، تنهن جي لاءِ اهو بي‌وقوفي ۽ بي‌عزتيءَ جو باعث بڻجي ٿو.


عدالت ۾ جيڪو پهريائين پنهنجو بيان پيش ٿو ڪري، سو تيستائين سچو معلوم ٿئي ٿو، جيستائين سندس مخالف هن جي بيان کي ڪوڙو ثابت نہ ڪري.


تنهنڪري ڏس، تو کي سزا ڏيڻ لاءِ مون پنهنجو هٿ تو تي کنيو آهي ۽ پنهنجي برڪتن مان تنهنجو حصو ختم ڪيو اٿم. مون تو کي انهن فلستين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي تو کان نفرت ٿا ڪن ۽ تنهنجي زناڪاريءَ وارن ڪمن کان بيزار آهن.


”شريعت موجب اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڏوهاري قرار ڏيئي نہ ٿا سگھون، جيستائين اسين پاڻ سندس ڳالهيون ٻڌون ۽ خبر پوي تہ هو ڇا ٿو ڪري.“


”اي ڀائرو ۽ بزرگؤ! ٻڌو، هاڻي آءٌ اوهان کي پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجھہ چوان ٿو.“


پر مون کين جواب ڏنو تہ جيستائين جوابدار فريادين جي روبرو نہ ٿئي ۽ جيڪو الزام هو مٿس هڻن ٿا تنهن جي صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻ جو موقعو نہ مليس، تيستائين کيس سزا ڏيڻ رومين جي دستور ۾ نہ آهي.


مون لاءِ اهو واجب نہ آهي جو آءٌ هڪ قيديءَ کي تہ موڪليان، پر مٿس جيڪي الزام لڳل آهن، تن بابت چٽيءَ طرح سان نہ لکان.“


”اي بادشاهہ اگرپا! آءٌ پاڻ کي خوش‌نصيب ٿو سمجھان جو اڄ اوهان جي اڳيان انهن ڳالهين جي صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻو اٿم جن جي يهودين مون تي تهمت هنئي آهي،


خداوند عيسيٰ هن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن کي پنهنجي خدمت واسطي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو نالو غير قومن، بادشاهن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاهر ڪري.


پر بني اسرائيل بابت خدا فرمائي ٿو تہ ”مون سڄو وقت هڪڙي نافرمان ۽ ضدي قوم جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيري رکيا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan