سنتن جا ڪم 2:4 - Muslim Sindhi Bible4 اهي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انهيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا. Faic an caibideilSindhi Bible4 ۽ اهي سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا، جيئن ڪ روح سندن هدايت ڪئي. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible4 اهي سڀيئي پوِتر آتما سان ڀرجي ويا ۽ انهيءَ جي شڪتيءَ سان ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا. Faic an caibideilCommon Language New Testament4 اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انھيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالھائڻ لڳا. Faic an caibideil |
پر اي خداوند! انهيءَ سبب هنن خلاف تنهنجي ڪاوڙ مون ۾ ايتري تہ ڀرجي ويئي آهي، جو هاڻ آءٌ انهيءَ ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ ٿو سگھان.“ تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”وڃي گھٽين ۾ گڏ ٿيل ٻارن، ۽ جوان ماڻهن جي مجلسن تي اُها اُٽلاءِ، مرد توڙي عورتون، پوڙها توڙي عمررسيدہ، سڀ انهيءَ ۾ ڦاسي پوندا، ڪوبہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندو.
جيڪڏهن اوهين سڀيئي اڻڄاتل ٻوليون ڳالهايو تہ مون کي خوشي ٿيندي، پر وڌيڪ خوشي انهيءَ ڳالهہ کان ٿيندي جو اوهين سڀيئي خدا جو پيغام ٻڌايو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اڻڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهائي پر ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ انهن جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ وارو انهيءَ کان وڌيڪ اهم آهي.
انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.