Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




سنتن جا ڪم 16:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پولس جي مرضي هئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلي، تنهنڪري هن سندس طهر ڪرايو. هن اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رهندڙ سڀني يهودين کي خبر هئي تہ تيمٿيس جو پيءُ غير يهودي هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 پولس جي مرضي هئي تہ اُهو ساڻس هلي؛ پر جيڪي يهودي اُتي هئا، تن جي ڪري هن جو ختنو ڪيائين، ڇالاءِ جو اُنهن سڀني کي خبر هئي تہ هن جو پيءُ يوناني هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 پولس جي مرضي هئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلي، تنهنڪري هن سندس ختنو ڪرايو. هن اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رهندڙ سڀني يهودين کي سڌ هئي تہ تيمٿيس جو پتا غير يهودي هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 پولس جي مرضي ھئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ھلي، تنھنڪري ھن سندس طھر ڪرايو. ھن اھو انھيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رھندڙ سڀني يھودين کي خبر ھئي تہ تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




سنتن جا ڪم 16:3
10 Iomraidhean Croise  

پر کين لکي تاڪيد ڪيو وڃي تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙهيون ويون هجن سي هو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري رت ۽ گھُٽي ماريل جانور جو گوشت کائين.


برنباس جي مرضي هئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلون.


جڏهن تہ پولس سيلاس کي پاڻ سان هلڻ لاءِ چونڊيو. پوءِ ايمان وارن کين خدا جي فضل جي حوالي ڪري روانو ڪيو.


طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر خدا جي حڪمن تي هلڻ ئي سڀ ڪجھہ آهي.


يهودين لاءِ آءٌ يهودين جهڙو بڻيس تہ جيئن يهودين کي هٿ ڪريان. شريعت جي پابندن لاءِ آءٌ شريعت جو پابند بڻيس تہ جيئن شريعت جي پابندن کي هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ شريعت جو پابند ڪين هئس.


سو نہ رڳو هنن مڃيو، پر منهنجو يوناني ساٿي طيطس توڙي جو طهريل نہ هو، تڏهن بہ مٿس طهر ڪرائڻ لاءِ ڪو زور ڪونہ ڀريائون.


هائو، خدا جنهن يهودين جي رسول ٿيڻ لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنهن غير يهودين جي رسول ٿيڻ لاءِ وري مون ۾ اثر پيدا ڪيو.


سو جڏهن اسين عيسيٰ مسيح جا آهيون، تڏهن طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي ايمان ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر محبت رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.


جڏهن تہ تيمٿيس جي اعتماد جوڳو ثابت ٿيڻ جي اوهان کي ڄاڻ آهي جو هن مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ جي ائين خدمت ڪئي آهي جيئن ڪو پٽ پيءُ سان گڏجي ڪم ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan