Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




سنتن جا ڪم 11:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ”تون اڻ‌طهريلن جي گھر ۾ نہ رڳو مهمان هئين، بلڪ تو انهن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تہ تون نامختونن وٽ وئين ۽ وڃي ساڻن گڏ کاڌءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 ”جن جو ختنو ئي ٿيل ناهي تن جي گھر ۾ تون نہ رڳو مهمان هئين، بلڪ تو انهن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 ”تون نہ رڳو اڻ⁠طھريلن جي گھر ۾ مھمان ھئين، بلڪ تو انھن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آھي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




سنتن جا ڪم 11:3
10 Iomraidhean Croise  

فريسين اهو ڏسي عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوهان جو استاد ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“


تڏهن فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، هي تہ گنهگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ ساڻن گڏ ٿو کائي!“


ٻئي ڏينهن صبح جو عيسيٰ کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جهڙا رهن.


پطرس انهن ماڻهن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي هو تيار ٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ يافا مان ڪي ايمان وارا بہ هن سان گڏ هليا.


پطرس انهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يهودين جي مذهب ۾ جائز نہ آهي تہ هو ڪنهن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر خدا مون کي صاف چيو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پليت يا گھٽ نہ سمجھان.


سو ڪنهن ماڻهوءَ کي يافا ڏانهن موڪلي شمعون نالي انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ جنهن کي پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن. هو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر ۾ رهيل آهي جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ آهي.‘


سو هن حڪم ڏنو تہ ”انهن کي عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ قيصريہ جي انهن ماڻهن پطرس کي عرض ڪيو تہ ”مهرباني ڪري ڪجھہ ڏينهن اسان وٽ رهي پئو.“


دراصل منهنجي لکڻ جو مطلب اهو هو تہ جيڪڏهن ڪو پاڻ کي ايمان وارو چوي پر هجي زناڪار يا لالچي يا بت‌پرست يا بدزبان يا شرابي يا دغاباز، تہ انهيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اهڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.


ڳالهہ اها هئي جو هو غير يهودين سان کائيندو پيئندو هو، پر جڏهن يعقوب وٽان ڪي ماڻهو آيا تڏهن هو غير يهودين سان کائڻ پيئڻ ڇڏڻ لڳو، بلڪ انهن کان ڌار ٿيڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن ماڻهن کان ڊنو ٿي جيڪي طهر ڪرائڻ لاءِ زور ڀريندا هئا.


جيڪڏهن ڪو اوهان وٽ اچي اها تعليم نہ ڏئي تہ اهڙي شخص کي گھر ۾ اچڻ نہ ڏجو، نڪي کيس سلام ڪجو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan