Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




سنتن جا ڪم 10:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هو ۽ هن جو سڄو ڪٽنب ديندار ۽ خدا جو خوف رکندڙ هو. غريب يهودين جي هو ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ هر وقت خدا کان پيو دعا گھرندو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 هو ديندار ماڻهو هو، ۽ پاڻ توڙي سندس گهراڻو سڀ خدا جو ڊپ رکندا هئا؛ ۽ هو اُمت کي گهڻي خيرات ڏيندو هو، ۽ هميشہ خدا کان دعا گهُرندو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 هو ۽ هن جو سڄو ڪٽنب ڌرمچاري ۽ ايشور جو خوف رکندڙ هو. غريب يهودين جي هو ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ هر وقت ايشور کي پيو پرارٿنا ڪندو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 ھو ۽ ھن جو سڄو ڪٽنب ديندار ھو ۽ خدا کان ڊڄندا ھئا. غريب يھودين جي ھو ڏاڍي مدد ڪندو ھو ۽ ھر وقت خدا کان پيو دعا گھرندو ھو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




سنتن جا ڪم 10:2
51 Iomraidhean Croise  

نہ، مون ابراهيم کي چونڊيو ئي انهيءَ لاءِ آهي تہ هو پنهنجي پٽن ۽ پنهنجيءَ اولاد کي حڪم ڪري تہ اهي منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ حق سچ تي هلن. جيڪڏهن اهي ائين ڪندا تہ آءٌ ابراهيم لاءِ اهو سڀ ڪجھہ ڪندس جنهن جو مون ساڻس واعدو ڪيو آهي.“


تڏهن تون پنهنجي عرش عظيم مان هن جي ٻڌج. اهو ماڻهو تو کي جهڙو عرض ڪري سو سندس پورو ڪج، تہ جيئن ڌرتيءَ جون سڀ قومون تنهنجي قوم بني اسرائيل وانگر تو کي سڃاڻن ۽ تنهنجو خوف رکن. پوءِ انهن کي خبر پوندي تہ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي سو تنهنجي ئي نالي آهي.


تڏهن تون پنهنجي عرش عظيم مان هن جي ٻڌج. اهو ماڻهو تو کي جهڙو عرض ڪري سو سندس پورو ڪج، تہ جيئن ڌرتيءَ جون سڀ قومون تنهنجي قوم بني اسرائيل وانگر تو کي سڃاڻن ۽ تنهنجو خوف رکن. پوءِ انهن کي خبر پوندي تہ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي سو تنهنجي ئي نالي آهي.


عُوض ملڪ ۾ ايوب نالي هڪڙو ماڻهو رهندو هو، جيڪو ڪامل ۽ سچو انسان هو. هو خدا جو خوف رکندڙ ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندڙ هو.


سندن دعوت جي ختم ٿيڻ تي ايوب انهن کي سڏائي پاڪ ڪندو هو. هو صبح جو سوير اُٿي انهن سڀني جي شمار مطابق ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ سندس خيال هو تہ ”متان منهنجي اولاد ڪو گناهہ ڪيو هجي ۽ پنهنجين دلين ۾ خدا لاءِ ڪفر بڪيو هجائون.“ اهو ايوب جو هميشہ جو دستور هو.


پوءِ جڏهن خداوند پنهنجي بچائڻ واري قدرت ڏيکاريندو، تڏهن دنيا جون سڀ قومون ڏسي ڊڄي وينديون، هائو، دنيا جا سمورا بادشاهہ سندس جلال کان ڊڄندا.


بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جيڪي سندس حڪمن تي ٿا هلن، ۽ دل وَ جان سان سندس طالبو آهن.


مون کي پنهنجي سچائيءَ واري راهہ تي هلاءِ ۽ هدايت ڏي، ڇاڪاڻ تہ تون ئي تہ منهنجو ڇڏائيندڙ خدا آهين. اي خداوند! منهنجو تو تي سدائين ڀروسو آهي.


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي هيڻن جي سار لهن ٿا. انهن کي مصيبت جي وقت تي خداوند ڇڏائيندو.


آءٌ صبح، منجھند توڙي سانجھيءَ فرياد پيو ڪندس، آهون ڀريندس ۽ دانهون پيو ڪندس، ۽ هو منهنجو آواز ضرور ٻڌندو.


تون ئي منهنجو خدا آهين. اي ڌڻي! مون تي رحم ڪر، ڇوجو آءٌ سڄو ڏينهن تو کي پڪاريندو ٿو رهان.


اي خداوند! اي منهنجا خدا! تون منهنجو بچائيندڙ آهين، ڏينهن رات آءٌ تنهنجي حضور ۾ دانهون ٿو ڪريان.


چڱي ڳالهہ هيءَ آهي جو اوهين ٻنهي جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ کان بچي وڃو. خدا کان ڊڄندا رهو. بس، اهو ئي اوهان جو فرض آهي.


هو پنهنجي ڦوڪ ڏيڻ سان هڪ وڏي ٻوڏ جيان دشمنن تي اچي ڪڙڪندو. تڏهن اولهہ توڙي اوڀر جون قومون سندس جلال واري نالي کان ڊڄي وينديون.


جڏهن دانيال کي خبر پيئي تہ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ٿي ويئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گھر هليو آيو. سندس ماڙيءَ جي ڪمري کي يروشلم جي طرف کان کُليل جارا هئا، جتي هن هميشہ جيان ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي پنهنجي خدا جو شڪر بجا آندو ۽ کانئس دعا گھري.


تڏهن بادشاهہ جي حڪم تي دانيال کي وٺي آڻي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويو. تنهن هوندي بہ بادشاهہ دانيال کي مخاطب ٿي چيو تہ ”شال تنهنجو خدا، جنهن جي ئي تون هميشہ عبادت ٿو ڪرين، سو تو کي بچائي.“


جڏهن هو ڏر وٽ پهتو تڏهن ڏک ڀرئي آواز مان دانيال کي پڪاري چيائين تہ ”اي دانيال، زندہ خدا جا ٻانها! پنهنجي جنهن خدا جي تون هميشہ عبادت ڪندو آهين، سو تو کي شينهَن کان بچائي سگھيو آهي يا نہ؟“


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي سلطنت جي هر حصي ۾ ماڻهو دانيال جي خدا جي حضور ڊڄن ۽ سندس تعظيم ڪن. هو ئي زندہ ۽ ابد تائين قائم وَ دائم رهندڙ خدا آهي. هن جي بادشاهت اهڙي آهي، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، هائو، سندس بادشاهي پيڙهي بہ پيڙهي هلندي رهندي.


اهڙيءَ طرح جنهن کي ٻہ هزار سون جا سڪا مليا، تنهن بہ ٻيا ٻہ هزار ڪمايا.


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”هر وقت دعا گھرندا رهو ۽ همت نہ هارجو.“ انهيءَ لاءِ هن کين هڪڙو مثال ڏنو تہ


تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پاڪ روح سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري.


انهن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪُرنيليس اسان کي موڪليو آهي. هو هڪ نيڪ ۽ خداپرست ماڻهو آهي ۽ يهودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس. هن کي خدا جي هڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آهي تہ هو تو کي پنهنجي گھر سڏائي تنهنجي واتان تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي.“


هن مون کي چيو تہ ’اي ڪُرنيليس! خدا تنهنجيون دعائون ٻڌيون آهن ۽ تنهنجيون خيراتون قبول ڪيون ويون آهن.


بلڪ جيڪو خدا جو خوف رکي ٿو ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪري ٿو سو ئي وٽس قبول پوي ٿو، پوءِ ڀلي اهو ڪنهن بہ قوم مان هجي.


هن ملائڪ ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنهنجيون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.


اهو چئي ملائڪ وٽائنس هليو ويو. پوءِ ڪُرنيليس پنهنجي ٻن نوڪرن ۽ هڪ ديندار سپاهيءَ کي گھرايو، جيڪو هن جو اردلي هو.


هو تو کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندو جن جي وسيلي تو کي ۽ تنهنجي سڄي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.‘


تنهن تي پولس اُٿي بيٺو ۽ هٿ سان اشارو ڪندي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي خداپرست غير يهوديؤ! ڪن ڏيئي ٻڌو.


اي ابراهيم جو اولاد، منهنجا هم‌قوم بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي خداپرست غير يهوديؤ! انهيءَ ڇوٽڪاري وارو پيغام اسان سڀني ڏانهن موڪليو ويو آهي.


تنهن تي يهودين انطاڪيا شهر جي چڱن مڙسن ۽ خداپرست معزز عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس خلاف وڏو فساد کڙو ڪرايو. انهيءَ طرح کين پنهنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


عبادت‌خاني جي اڳواڻ ڪرسپس پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو. ڪرنٿس جي ٻين بہ ڪيترن ئي رهاڪن پولس جو پيغام ٻڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.


ان وقت دنيا جي هر هڪ ملڪ مان ديندار يهودي يروشلم ۾ رهيل هئا.


اتي حننياہ نالي هڪڙو ماڻهو هو، جيڪو دمشق جي سڀني يهودين ۾ وڏو معتبر ۽ شريعت موجب ديندار هو.


خداوند وري هن کي چيو تہ ”اُٿ ۽ سنئين نالي گھٽيءَ ۾ يهوداہ جي گھر وڃي ترسس شهر واري ماڻهوءَ سائول جي پڇا ڪر. ڏس، هو دعا گھري رهيو آهي


انهن ڳالهين کان پوءِ سڄي يهوديہ، گليل ۽ سامريہ علائقن ۾ ڪليسيا کي امن حاصل ٿيو. اها خداوند جو خوف رکندي ترقي ڪندي ويئي ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌندي ويئي.


يافا ۾ مسيح تي ايمان رکندڙ هڪڙي عورت رهندي هئي، جنهن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس هو. هوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ خير خيراتون ڪندي هئي.


دعا ۾ سجاڳ رهو ۽ شڪرگذاري ڪندي انهيءَ ۾ مشغول رهو.


سدائين دعا گھرندا رهو.


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو خدا کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.


هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“


اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي تعظيم ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پاڪ آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan