Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




سنتن جا ڪم 1:1 - Muslim Sindhi Bible

1-2 محترم ٿئوفلس! مون پنهنجي پهرئين ڪتاب ۾ اُهي سڀ ڳالهيون لکيون آهن، جيڪي عيسيٰ پنهنجي خدمت واري ڪم شروع ڪرڻ کان وٺي آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ تائين ڪيون ۽ سيکاريون. هن آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ کان اڳ ۾ پاڪ روح جي وسيلي انهن ماڻهن کي هدايتون ڏنيون، جن کي پنهنجا رسول ڪري چونڊيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 جنهن ڏينهن يسوع پنهنجي چونڊيلن رسولن کي پاڪ روح جي معرفت حڪم ڏيئي مٿي کڄي ويو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1-2 شري ٿئوفلس! مون پنهنجي پهرئين شاستر ۾ اُهي سڀ ڳالهيون لکيون آهن، جيڪي يسوع پنهنجي سيوا واري ڪم شروع ڪرڻ کان وٺي آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ تائين ڪيون ۽ سيکاريون. هن آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ کان اڳ ۾ پوِتر آتما جي وسيلي انهن ماڻهن کي هدايتون ڏنيون، جن کي پنهنجا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ڪري چونڊيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1-2 محترم ٿئوفلس: مون پنھنجي پھرين ڪتاب ۾ اُھي سڀ ڳالھيون لکيون آھن، جيڪي عيسيٰ پنھنجي ڪم شروع ڪرڻ کان وٺي آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ تائين ڪيون ۽ سيکاريون. ھن آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ کان اڳ ۾ پاڪ روح جي وسيلي انھن ماڻھن کي ھدايتون ڏنيون، جن کي پنھنجا رسول ڪري چونڊيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




سنتن جا ڪم 1:1
12 Iomraidhean Croise  

انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


انهن ڏينهن کان پوءِ سندس زال اليشبع پيٽ سان ٿي ۽ هوءَ پنجن مهينن تائين پنهنجي گھر ۾ لڪندي رهي ۽ دل ۾ هيئن چوڻ لڳي تہ


تنهنڪري مون بہ اهو مناسب سمجھيو تہ هي ڳالهيون اوهان لاءِ ترتيب سان لکان، ڇو تہ مون شروع کان وٺي انهن سڀني جو اڀياس چڱيءَ طرح ڪيو آهي.


نوڪر ويو ۽ موٽي اچي ٻڌايائين تہ ’سائين! جيئن اوهان حڪم ڏنو تيئن ئي ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ باقي آهي.‘


تنهن تي هن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”اُهي عيسيٰ ناصريءَ جون ڳالهيون، جيڪو خدا توڙي سڄي خلق اڳيان قول ۽ فعل ۾ قدرت وارو نبي هو.


جڏهن عيسيٰ پاڻ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، تڏهن سندس عمر اٽڪل ٽيهہ سال هئي. عيسيٰ کي يوسف جو پٽ سمجھيو ويندو هو، يوسف پٽ عيليءَ جو هو


پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ خدا اوهان جي اڳيان عيسيٰ ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، خدا انهيءَ جي هٿان معجزا، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan