Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 4:8 - Muslim Sindhi Bible

8 هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، خداوند عيسيٰ، جيڪو عادل جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 هن کان پوءِ منهنجي لاءِ راستبازيءَ جو تاج تيار رکيو آهي، جو عادل منصف يعني خداوند انهي ڏينهن مون کي ڏيندو: ۽ نہ رڳو مون کي پر انهن سڀني کي جي سندس ظهور جا مشتاق آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

8 هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، پرڀو يسوع، جيڪو انصاف ڪندڙ جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

8 ھاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آھي. اھو تاج، خداوند، جيڪو عادل جج آھي سو عدالت واري ڏينھن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انھن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاھر ٿيڻ لاءِ واجھائي رھيا آھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 4:8
39 Iomraidhean Croise  

پڪ تون سچارن کي بدڪارن سان گڏ نہ ماريندين. ائين نہ ٿو ٿي سگھي، تون ائين نہ ٿو ڪري سگھين. جيڪڏهن ائين ڪندين تہ پوءِ سچار بدڪارن جهڙا ليکبا. ائين نہ ٿو ٿي سگھي. سڄي دنيا جي انصاف ڪرڻ واري کي انصاف ڪرڻو آهي.“


اي خداوند! تنهنجي ڀلائي ڪيڏي نہ عظيم آهي! جيڪا تو پنهنجي تعظيم ڪرڻ وارن لاءِ گڏ ڪري رکي آهي، ۽ جيڪا تو ماڻهن آڏو پنهنجي پناهہ ۾ آيلن تي ظاهر ڪئي آهي.


بيشڪ خدا ئي سچو انصاف ڪندڙ آهي، هائو، اهڙو خدا جيڪو روزانو بدڪارن کي غصو ٿو ڏيکاري.


اها تنهنجي لاءِ ڳلي جي خوبصورت هار مثل ٿيندي ۽ تنهنجي مٿي لاءِ هڪ شاندار تاج مثل هوندي.“


قادرِمطلق خداوند ٿو فرمائي تہ ”منهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي اهي منهنجي قوم، بلڪ منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا ۽ آءٌ مٿن اهڙو مهربان ٿيندس جهڙو پيءُ پنهنجي خدمتگار پٽ تي ٿيندو آهي.


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود ابنِ آدم جي موٽي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ بابت ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي، نہ آسمان جا ملائڪ ۽ نہ ئي فرزند، رڳو پيءُ ئي اهو ڄاڻي ٿو.


قيامت جي ڏينهن گھڻا ئي مون کي چوندا تہ ’اي خداوند! اي خداوند! اسان تنهنجي نالي تي خدا جو پيغام نہ ڏنو ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڪيترائي معجزا نہ ڪيا ڇا؟‘


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن انهيءَ شهر جا ماڻهو سدوم شهر وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.“


پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن خدا جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو.


انهن سان گڏوگڏ اسين پاڻ بہ پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون. جيتوڻيڪ خدا اسان کي انهيءَ آزاديءَ جي پهرين بخشش پاڪ روح جي صورت ۾ عطا ڪئي آهي، تہ بہ خدا جا پوريءَ طرح ٻار ٿيڻ يعني پنهنجي بدن کي نئين حالت ملڻ جي بيحد انتظار ۾ ويٺا آهيون.


پر اهو ائين ئي ٿيو جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو ڪجھہ نہ ڪنهن اک ڏٺو آهي، نہ ڪنهن ڪن ٻڌو آهي ۽ نہ وري ڪنهن دماغ سوچيو آهي، سو خدا پنهنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي.“


تہ سندس ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڪم کي عدالت جي ڏينهن ظاهر ڪيو ويندو. انهيءَ ڏينهن باهہ ئي هر ڪنهن جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي.


هر ڪو پهلوان سڀني ڳالهين ۾ پرهيز ٿو ڪري. اهي تہ فاني تاج ملڻ لاءِ ائين ٿا ڪن، پر اسين غير فاني تاج لاءِ.


سو هن ڪچي گھر ۾ ڪنجھندي اسين اها وڏي تمنا پيا رکون تہ پنهنجي آسماني گھر کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيون.


انهيءَ لاءِ تہ من ڪنهن طرح مئلن منجھان جيئري ٿي اٿڻ جي درجي کي حاصل ڪريان.


اوهان جي انهيءَ ايمان ۽ پيار جو دارومدار انهيءَ اميد تي آهي، جيڪا اوهان لاءِ آسمان تي مخصوص ٿيل آهي. اوهان ان جو ذڪر اڳي ئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي پيغام ۾ ٻڌو آهي،


۽ آسمان مان سندس فرزند جي اچڻ جو انتظار ڪريو، جنهن کي هن مئلن مان جياريو. اهو فرزند عيسيٰ ئي آهي، جيڪو اسان کي خدا جي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين اونداهيءَ ۾ نہ آهيو جو اهو ڏينهن چور وانگر اوچتو اوهان مٿان اچي پوي.


تنهن کان پوءِ اهو وڳوڙي ظاهر ٿيندو، جنهن کي خداوند عيسيٰ پنهنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو، بلڪ پنهنجي آمد جي تجلي سان ئي کيس چٽ ڪري ڇڏيندو.


انهيءَ طرح اهي ايندڙ نئين زماني لاءِ اهڙي دولت ميڙيندا جيڪا پختي بنياد واري هوندي، جنهن تي قائم رهي هو اهڙي زندگي هٿ ڪري سگھن ٿا جيڪا حقيقي آهي.


هاڻ اهو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي اچڻ سان ظاهر ٿيو، جنهن موت کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ زندگيءَ ۽ بقا کي پنهنجي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آڻي اسان تي ظاهر ڪيو.


جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.


شل خداوند عيسيٰ ائين ڪري جو سندس اچڻ واري ڏينهن هن تي خداوند خدا جو رحم ٿئي. تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ هن اِفسس شهر ۾ بہ منهنجي ڪيتري نہ مدد ڪئي.


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو پهلوانيءَ جو مقابلو ٿو ڪري تہ اهو بہ جيستائين مقرر قاعدي موجب نہ ٿو وڙهي تيستائين فتحيابيءَ جو انعام حاصل نہ ٿو ڪري.


هاڻ آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا ۽ عيسيٰ مسيح، جيڪو وري اچي بادشاهہ جي حيثيت سان ظاهر ٿيندو ۽ جيئرن توڙي مئلن جي عدالت ڪندو، تن ٻنهي کي حاضر ناظر ڄاڻي


ان سان گڏ اسين انهيءَ برڪت ڀري اميد، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو اسان جو عظيم خدا ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي، تنهن جي شان وَ شوڪت سان ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.


ڪابہ سيکت جڏهن ڏني وڃي ٿي، تڏهن خوشيءَ جو نہ، پر ڏک جو سبب ٿي لڳي. پر جيڪي برداشت ڪري پختا ٿي وڃن ٿا، تن کي اها آخر ۾ سچائيءَ ۽ سلامتيءَ واري زندگي بخشي ٿي.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي گناهن کي کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ گناهن لاءِ قربان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃڻ تي کيس فتح جو تاج، يعني اها زندگي حاصل ٿيندي جنهن جو واعدو خدا پاڻ سان محبت رکڻ وارن سان ڪيو آهي.


تہ اسين هڪ غيرفاني، بي‌داغ ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جيڪو ايمان وارن لاءِ عرش عظيم تي رکيل آهي.


پوءِ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي اهڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏهن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.


ڏسو، هو ڪڪرن تي ٿو اچي، هر هڪ اک هن کي ڏسندي. اهي بہ کيس ڏسندا جن هن کي گھاءُ ڏيئي ماريو هو، ۽ کيس ايندو ڏسي خوف وچان ڌرتيءَ جون سڀيئي قومون ڇاتي پٽينديون. هائو، ائين ئي ٿيندو. آمين.


پوءِ مون کي آسمان کُليل نظر آيو ۽ ڇا ڏسان تہ هڪ اڇو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ تي جيڪو سوار هو سو وفادار ۽ سچار سڏيو ويندو آهي. هو سچائيءَ سان عدالت ۽ جنگ ڪري ٿو.


جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ ابليس آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي زندگيءَ جو تاج پارائيندس.


جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ آمين. اي خداوند عيسيٰ! اچ.


تڏهن اهي چوويهہ بزرگ منهن ڀر ڪري انهيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهي ٿو. اهي سجدو ڪندي پنهنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکي چون ٿا تہ


انهيءَ تخت جي چوڌاري چوويهہ تخت ٻيا بہ هئا ۽ انهن تختن تي مون چوويهہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي اڇا ڪپڙا پهريل هئا ۽ انهن جي مٿن تي سونا تاج هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan