Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 4:21 - Muslim Sindhi Bible

21 تون سياري کان اڳ مون وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. يوبولس، پودينس، لينَس، ڀيڻ ڪلوديا ۽ ٻيا سڀ ايمان وارا بہ تو کي سلام ٿا چون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 ڪوشش ڪري سياري کان اڳي اچج. يوبولس ۽ پودينس ۽ لينس ۽ ڪلوديس ۽ ٻيا سڀ ڀائر بہ توکي سلام ٿا چون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

21 تون سياري کان اڳ مون وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. يوبولس، پودينس، لينَس، ڀيڻ ڪلوديا ۽ ٻيا سڀ وشواسي بہ تو کي نمسڪار ٿا چون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

21 سياري کان اڳ مون وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪر. يوبولس، پودينس، لينس، ڀيڻ ڪلوديا ۽ ٻيا سڀ ايمان وارا بہ تو کي سلام ٿا چون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 4:21
11 Iomraidhean Croise  

جيڪڏهن ڪو فريادي اوهان مان ڪنهن تي ڪيس ڪري ۽ هن کي ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي هو ڪوشش ڪري ساڻس ٺاهہ ڪري، متان اهو هن کي جج وٽ وٺي وڃي ۽ جج هن کي سپاهيءَ جي حوالي ڪري جيڪو کيس جيل ۾ وجھي.


سڀيئي ڀائر ڀينر اوهان کي سلام ٿا ڏين. هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو.


شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ خدا جو پيار ۽ پاڪ روح جي صحبت اوهان سڀني سان هجي.


مسيح ۾ سمورا چونڊي پاڪ ڪيل، خاص ڪري اهي جيڪي قيصر جي محل ۾ آهن، اوهان کي سلام ٿا ڏين.


تنهنجي ڳوڙهن کي ياد ڪري تو سان ملڻ لاءِ سڪان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ تو سان ملي منهنجي دل خوشيءَ سان ڀرجي وڃي.


جيڪو جبو آءٌ تروآس شهر ۾ ڪرپس وٽ ڇڏي آيو هئس، جڏهن اچين تہ اهو کنيو اچجانءِ، ان سان گڏ منهنجا لکيل ورق بہ، خاص ڪري چمڙي جا ورق.


مون وٽ جلد اچڻ جي ڪوشش ڪر،


جڏهن آءٌ ارتماس يا تخڪُس کي تو وٽ موڪليان، تڏهن تون مون وٽ نيڪپلس شهر ۾ اچڻ جي پوري ڪوشش ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ مون سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.


مسيح ۾ چونڊيل تنهنجي ڀيڻ جا ٻار تو کي سلام ڏين ٿا.


اميد اٿم تہ جلد ئي اچي تو سان ملندس ۽ پوءِ روبرو ڳالهائينداسين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan