Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 4:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تخڪُس کي مون اِفسس شهر ڏانهن موڪليو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 پر تخڪس کي مون افسس ڏانهن موڪليو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

12 تخڪُس کي مون اِفسس شهر ڏانهن موڪليو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

12 تُخِڪُس کي مون اِفسس شھر ڏانھن موڪليو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 4:12
11 Iomraidhean Croise  

جڏهن اهي اِفسس شهر ۾ پهتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوءِ پاڻ يهودين جي عبادت‌خاني ۾ ويو جتي يهودين سان بحث مباحثو ڪرڻ لڳو.


پوءِ موڪلائڻ وقت هن کين چيو تہ ”خدا گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي هو سامونڊي جهاز تي چڙهي اِفسس مان روانو ٿيو.


اپلوس اڃا اخيا جي شهر ڪرنٿس ۾ ئي هو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پهتو ۽ اتي ڪن ايمان وارن سان مليو.


هاڻي مون کي پڪ آهي تہ اوهين سڀ جن ۾ مون خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪئي آهي، تن مان ڪوبہ وري منهنجو منهن ڪين ڏسندو.


آسيا صوبي تائين پولس سان گڏ سفر ڪرڻ وارا ساٿي هي هئا: بيريا واري پُرس جو پٽ سوپترس، ٿِسلُنيڪي وارن مان ارسترخس ۽ سڪندُس، دربيءَ وارو گيُس، آسيا صوبي وارن تخڪُس ۽ تروفيمس کان علاوہ تيمٿيس پڻ.


تخڪُس، جيڪو خداوند عيسيٰ ۾ پيارو ڀاءُ ۽ سچو خدمتگار آهي، سو اوهان کي منهنجيون سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين بہ منهنجي حال کان واقف ٿيو تہ آءٌ ڪيئن ٿو گذاريان.


آءٌ هن کي اوهان ڏانهن انهيءَ مقصد لاءِ موڪلي رهيو آهيان تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ اسين ڪيئن آهيون ۽ اهو بہ تہ جيئن هو اوهان جي دلين کي همتائي.


تخڪُس اوهان کي منهنجو سڄو احوال ٻڌائيندو. هو پيارو ڀاءُ، سچو خدمتگار ۽ اسان وانگر خداوند عيسيٰ جو ٻانهو آهي.


جيئن مون مڪدُنيا صوبي ڏانهن وڃڻ وقت تو کي تاڪيد ڪيو هو تيئن تون اِفسس شهر ۾ رهجانءِ، انهيءَ لاءِ تہ ڪن ماڻهن کي حڪم ڏئين تہ غلط قسم جي تعليم نہ ڏين،


جڏهن آءٌ ارتماس يا تخڪُس کي تو وٽ موڪليان، تڏهن تون مون وٽ نيڪپلس شهر ۾ اچڻ جي پوري ڪوشش ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ مون سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan