Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 3:11 - Muslim Sindhi Bible

11 انهيءَ کان علاوہ تو انهن آزارن ۽ ڏکن سورن ۾ بہ منهنجي پيروي ڪئي آهي، جيڪي انطاڪيا، اڪونيم ۽ لسترا شهرن ۾ مون کي ڏنا ويا. مون ڪيڏا نہ آزار سٺا، پر خداوند عيسيٰ مون کي انهن سڀني مان ڇڏايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 مصيبت، عذاب ۽ اُهي ڏک جي انطاڪيہ ۽ اڪونيم ۽ لسترہ ۾ مون تي پيا، ۽ جي مون سَٺا، سي ڏٺا آهن؛ ۽ انهن سڀني مان خدا مون کي ڇڏايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 انهيءَ کان علاوہ تو انهن آزارن ۽ ڏکن سورن ۾ بہ منهنجي پيروي ڪئي آهي، جيڪي انطاڪيا، اڪونيم ۽ لسترا شهرن ۾ مون کي ڏنا ويا. مون ڪيڏا نہ آزار سٺا، پر پرڀو يسوع مون کي انهن سڀني مان ڇڏايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

11 تون ڄاڻين ٿو تہ ڪيئن مون کي ستايو ويو ۽ ڪھڙيءَ طرح مون ڏک ڏٺا، يعني اھي آزار جيڪي مون انتاخيا، اِڪونيم ۽ لسترا ۾ برداشت ڪيا. پر خدا مون کي انھن سڀني مان ڇڏايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 3:11
43 Iomraidhean Croise  

سو شال هنن ڇوڪرن کي پنهنجي برڪت عطا ڪري! شل خداوند جو ملائڪ مون جيان کين هر مصيبت کان بچائي! شل منهنجو ۽ منهنجي پيءُ ڏاڏي اسحاق ۽ ابراهيم جو نالو هنن جي وسيلي قائم رهي، شل هو ڌرتيءَ تي وڌي راڄ ٿين!“


جڏهن خداوند دائود کي سندس سڀني دشمنن ۽ سائول جي هٿان بچائي آرام ڏنو، تڏهن هن خداوند جي حضور ۾ هي گيت ڳايو تہ


۽ جنهن مون کي دشمنن کان بچايو آهي، تنهن جي شل واکاڻ پيئي ٿئي! اي خداوند! مخالفن جي ظلم کان تو ئي مون کي بچائي ورتو آهي، بلڪ مون کي انهن مٿان سرفراز ڪيو اٿيئي.


سچار ماڻهن جي مٿان تڪليفون تہ گھڻيون ئي آهن، پر خداوند انهن سڀني کان کين ڇڏائي ٿو.


ھائو، خداوند انهن جي مدد ڪري ٿو. هو بڇڙن کان ڇڏائي کين بچائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند وٽ اچي پناهہ ورتي آهي.


خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪي مون سان دل لڳائين ٿا، تن کي آءٌ ڇڏائيندس. آءٌ سندن حفاظت ڪندس، ڇوجو هو مون کي خداوند مڃين ٿا.


تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين جيتوڻيڪ ٿورا ۽ ڪمزور آهيو، تہ بہ اوهين نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو مددگار آهيان. هائو، آءٌ اوهان جو ڇڏائيندڙ ۽ پاڪ معبود آهيان.


جڏهن اوهان تي ڪا ٻوڏ اچي ڪڙڪندي، تڏهن آءٌ اوهان سان ساڻي ٿيندس. هائو، جڏهن اوهين ڪنهن تڪليف مان گذرندا، تہ آءٌ اها اوهان تي غالب پوڻ نہ ڏيندس. يا وري جڏهن اوهين ڪنهن باهہ ۾ ڦاسي پوندا، تڏهن ڪو شعلو اوهان کي نہ ساڙيندو. هائو، جڏهن اوهين ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسندا، تہ اوهان کي ڪو نقصان نہ رسندو.


هو تو سان وڙهندا، پر تو مٿان غالب پئجي نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان ۽ تنهنجي حفاظت ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هو ئي ڇڏائڻ وارو ۽ بچائڻ وارو آهي، هو ئي زمين ۽ آسمان تي عجيب ڪم ۽ معجزا ڏيکاري ٿو. هن ئي دانيال کي شينهَن جي چنبن کان بچايو آهي.“


پولس ۽ برنباس وارا پرگا مان پسديا علائقي واري انطاڪيا شهر ۾ آيا ۽ سبت جي ڏينهن يهودين جي عبادت‌خاني ۾ وڃي ويٺا.


جڏهن ڪن يهودين ايڏا ميڙ ڏٺا تہ ساڙ وٺي وين، سو هو پولس جي تبليغ خلاف بدشد ڳالهائيندي سندس بي‌عزتي ڪرڻ لڳا.


لسترا ۾ هڪ ماڻهو رهندو هو جنهن جا پير سڪل هئا. هو ڄائي ڄم کان معذور هو ۽ ڪڏهن بہ پنڌ نہ ڪيو هئائين.


مون ڏاڍي نماڻائيءَ سان ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ يهودين جي سازشن جون مصيبتون سهندي بہ خداوند عيسيٰ جي خدمت پئي ڪئي آهي.


جڏهن جھيڙو وڌي ويو تڏهن ڪپتان کي اچي خوف ورتو تہ متان ماڻهو پولس کي ماري ڳڀا ڳڀا نہ ڪري ڇڏين. سو سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ ”وڃي گوڙ مان کيس زوريءَ وٺي قلعي ۾ آڻيو.“


آءٌ تو کي تنهنجي قوم کان بچائيندس ۽ انهن غير قومن کان بہ، جن ڏانهن آءٌ تو کي موڪليان ٿو.


پر اڄ تائين خدا جي مدد مون ساڻ آهي، سو آءٌ پنهنجيءَ ڳالهہ تي قائم آهيان ۽ هر غريب توڙي امير جي اڳيان هڪجهڙي شاهدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اهي ڳالهيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ٻيا نبي اڳڪٿي ڪري ويا آهن تہ اهي ضرور ٿينديون.


آءٌ پاڻ هن کي ڏيکاريندس تہ منهنجي نالي جي ڪري کيس ڪيتريون نہ تڪليفون سهڻيون پونديون.“


تہ خدا مون کي يهوديہ علائقي ۾ غير ايمان وارن کان بچائي ۽ يروشلم شهر وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن وٽ منهنجي خدمت قبول پوي.


جيئن مسيح جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿي اسين گھڻا ڏک سور سهون ٿا، تيئن مسيح جي وسيلي اسان کي دلداري بہ گھڻي ڏني وڃي ٿي.


تنهنڪري اسان کي اوهان لاءِ پڪي اميد رهي ٿي تہ اوهين همت نہ هاريندا، ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ جهڙيءَ طرح اوهين ڏک سور ۾ اسان سان شريڪ رهو ٿا، تهڙيءَ طرح انهيءَ دلداريءَ ۾ بہ شريڪ آهيو جيڪا اسان کي ملي ٿي.


سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، بي‌عزتين ۾، گھُرجن ۾، ستائجڻ ۾ ۽ مشڪلاتن ۾ خوش ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ ڪمزور هوندو آهيان تڏهن ئي آءٌ طاقتور هوندو آهيان.


آءٌ چڱي ويڙهہ وڙهي چڪو آهيان. آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪري چڪو آهيان. مون ايمان کي محفوظ رکيو آهي.


انهن مثالن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي تہ خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندارن کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan