Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 2:15 - Muslim Sindhi Bible

15 پنهنجو پاڻ کي خدا وٽ وڻندڙ يعني اهڙي محنتيءَ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪر جنهن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو پيغام صحيح نموني ۾ استعمال ڪندڙ هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 ڪوشش ڪري پاڻ کي خدا وٽ مقبول، ۽ اهڙي ڪم ڪندڙ وانگر پيش ڪر، جو درستيءَ سان حق جو ڪلام استعمال ٿو ڪري، تان تہ شرمندو نہ ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

15 پنهنجو پاڻ کي ايشور وٽ وڻندڙ يعني اهڙي محنتيءَ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪر جنهن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو سنديش صحيح نموني ۾ استعمال ڪندڙ هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

15 ڪوشش ڪر تہ تون خدا وٽ وڻيل ۽ اھڙو پورھيت ثابت ٿئين جنھن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو ڪلام صحيح نموني ۾ استعمال ٿو ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 2:15
29 Iomraidhean Croise  

تنهن تي هن چين تہ ”جيڪو بہ شريعت جو عالم آسمان جي بادشاهيءَ جو شاگرد ٿئي ٿو، سو پنهنجي علم مان نيون توڙي پراڻيون ڳالهيون ائين ٿو ڪڍي، جيئن ڪو گھر جو مالڪ پنهنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“


عيسيٰ انهيءَ قسم جي ڪيترن ئي مثالن ذريعي ماڻهن کي سندن سمجھہ مطابق پنهنجو پيغام ٻڌائيندو هو.


خداوند جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟


پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ خدا اوهان جي اڳيان عيسيٰ ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، خدا انهيءَ جي هٿان معجزا، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت خدا جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم.


سو جيڪو بہ اهڙي نموني مسيح جي خدمت ٿو ڪري، اهو خدا کي پسند آهي ۽ ماڻهن کي بہ قبول آهي.


اپليس کي سلام ڏجو، جنهن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آهي. انهن ايمان وارن کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جيڪي ارستبولس جي گھر ۾ آهن.


پنهنجي جسم جي عضون کي گناهہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين.


تنهن هوندي بہ پختي ايمان وارن ماڻهن منجھہ اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ڪريون. پر اها ڏاهپ نہ هن دنيا جي آهي، نڪي هن دنيا جي حاڪمن جي، جيڪي ناس ٿي رهيا آهن.


ياد رکو، جيڪو پنهنجي سچي هئڻ جي تعريف پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اهو ئي قبول پوي ٿو جيڪو خداوند آڏو سچو آهي.


اهو ئي آهي، جنهن اسان کي نئين عهد جا خدمتگار هئڻ جي لائق ڪيو. اهو عهد لکيل شريعت جو نہ پر پاڪ روح جو آهي، ڇاڪاڻ تہ لکيل شريعت جو اثر موت آهي جڏهن تہ پاڪ روح زندگي ڏئي ٿو.


اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت خدا جي پيغام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون.


سو توڙي اسين پنهنجي هن فاني جسم واري گھر ۾ رهون يا نہ رهون، اسان جو سڀ کان وڏو مقصد هي آهي تہ اسين خداوند عيسيٰ کي پسند اچون.


آءٌ ائين چئي ماڻهن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش نہ ٿو ڪريان، پر خدا کي راضي ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ آءٌ ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏهن هن مهل تائين ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ جيڪر مسيح جو ٻانهو نہ هجان ها.


اوهين غير يهودي بہ مسيح جا ٿيا جڏهن اوهان سچائيءَ جو پيغام يعني خوشخبري ٻڌي مسيح تي ايمان آندو ۽ اها خوشخبري اوهان لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻي. اهڙيءَ طرح خدا پنهنجو واعدو پورو ڪندي اوهان کي بہ پاڪ روح عطا ڪيو، جيڪو سندس مالڪيءَ جي مُهر آهي.


ان جي ابتڙ خدا اسان کي لائق قرار ڏيئي خوشخبريءَ جو پيغام جيئن اسان جي حوالي ڪيو آهي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻهن کي نہ پر خدا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي پرکي ٿو.


انهيءَ سان گڏ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي اهو تاڪيد بہ ڪريون ٿا تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻهن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.


جيڪڏهن تون ايمان وارن کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندو رهندين تہ عيسيٰ مسيح جو سٺو خدمتگار ثابت ٿيندين. انهيءَ سان گڏ ايمان وارين ڳالهين ۽ سٺي تعليم سان پرورش پائيندين، جن تي تون هلندو رهيو آهين.


تنهنڪري اچو تہ اسين وڏي جذبي سان انهيءَ آرام کي حاصل ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي جو اسان مان ڪو انهن نافرمانن جي نموني تي هلندي خدا جي غضب هيٺ اچي وڃي.


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃڻ تي کيس فتح جو تاج، يعني اها زندگي حاصل ٿيندي جنهن جو واعدو خدا پاڻ سان محبت رکڻ وارن سان ڪيو آهي.


هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي پيغام وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس مخلوقات ۾ پهريون ڦل بڻجون.


تنهنڪري، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پنهنجي سڏ ۽ چونڊ کي يقيني بڻائڻ لاءِ دل وَ جان سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڪڏهن بہ ٿاٻو نہ کائيندا،


تنهنڪري آءٌ دل وَ جان سان ڪوشش ڪندو رهندس تہ منهنجي مري وڃڻ کان پوءِ بہ اوهين هر وقت اهي ڳالهيون ياد رکي سگھو.


سو اي عزيزؤ! جيئن تہ اوهين انهيءَ انتظار ۾ آهيو، تڏهن پوريءَ دل سان ڪوشش ڪندا رهو تہ خدا سان ميل ميلاپ جي حالت ۾ اوهين سندس آڏو بي‌داغ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan