Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 1:10 - Muslim Sindhi Bible

10 هاڻ اهو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي اچڻ سان ظاهر ٿيو، جنهن موت کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ زندگيءَ ۽ بقا کي پنهنجي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آڻي اسان تي ظاهر ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ جو هاڻي اسان جي نجات ڏيندڙ مسيح يسوع جي ظاهر ٿيڻ ڪري پڌرو ڪيو ويو، جنهن موت کي نيست ڪري، ۽ انجيل جي وسيلي حياتيءَ ۽ بقا کي روشن ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

10 هاڻ اها اسان جي مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي اچڻ سان ظاهر ٿي، جنهن موت کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ جيون بلڪ ناس نہ ٿيندڙ جيون کي پنهنجي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آڻي اسان تي ظاهر ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

10 پر اھو ھاڻي اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي اچڻ ڪري ظاھر ٿيو، جنھن موت کي ناس ڪري زندگيءَ ۽ بقا کي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 1:10
58 Iomraidhean Croise  

آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان بني اسرائيل جو پاڪ معبود ۽ اوهان جو بچائيندڙ آهيان. مون اوهان جي عيوض ۾ مصر، سوڊان ۽ صبا ڏيئي ڇڏيا آهن.


بيشڪ بني اسرائيل جو خدا، جيڪو اڪيلي سر پنهنجيءَ قوم کي بچائي سگھي ٿو، سو هڪ راز ئي راز آهي.


اوهين عدالت ۾ اچو ۽ پنهنجي باري ۾ صفائي پيش ڪريو، ڀلي هڪٻئي سان صلاح مصلحت ڪري ٻڌايو تہ ڇا ڪو اهڙو معبود اٿوَ، جنهن گھڻو اڳي اڳڪٿي ڪري ٻڌايو هجيوَ، تہ انهيءَ وقت اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو سڀ مون خداوند ئي نہ ڪيو هو، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي؟ هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ عادل ۽ بچائيندڙ خدا ڪونهي.


تنهنڪري آءٌ خداوند انهن کي پاتال مان ڪونہ ڪڍندس، نہ وري کين موت کان بچائيندس. اي موت! تنهنجي وبا ڇو دير ڪئي آهي؟ اي قبر! تنهنجي تباهي اڃا ڇو نہ آئي آهي؟ هاڻي آءٌ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪندس.


جيڪڏهن اوهان جي اندر ۾ پوري پوري روشني هوندي ۽ ڪنهن بہ ڪنڊڪڙڇ ۾ اونداهي نہ هوندي تہ انهيءَ جو مثال ڏيئي جي ان روشنيءَ وانگر هوندو جيڪا اوهان کي روشن ٿي ڪري.“


تڏهن هن مالهيءَ کي چيو تہ ’آءٌ ٽن سالن کان انهيءَ وڻ ۾ انجيرن لاءِ واجھائيندو رهيو آهيان پر هڪ بہ نہ مليو اٿم. تنهنڪري هن کي وڍي ڇڏ، ڇوجو هروڀرو زمين سيڙايون بيٺو آهي.‘


ٻڌو، اڄ دائود جي ڳوٺ ۾ اوهان لاءِ هڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح ۽ خداوند آهي.


اها حقيقي روشني جيڪا هر هڪ انسان تي چمڪندي آهي سا پاڻ دنيا ۾ اچڻ واري هئي.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آهي ۽ مٿس ايمان آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ زندگي ملي.


پوءِ اهي ان عورت کي چوڻ لڳا تہ ”هاڻي اسين رڳو تنهنجي چوڻ تي مٿس ايمان نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آهي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ هيءُ ئي دنيا جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ آهي.“


تڏهن بہ اوهين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ دائمي زندگي مليوَ.


هاڻي جيئن خدا واعدو ڪيو هو، تيئن ئي هن دائود جي اولاد مان بني اسرائيل لاءِ هڪڙو ڇوٽڪاري ڏيندڙ موڪليو، يعني عيسيٰ.


نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بڻائي پنهنجي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبهہ ڪرڻ جي توفيق ڏئي ۽ سندن گناهہ بخشي ڇڏي.


جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي عزت، عظمت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


پوءِ هن جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ اسين ايمان رکڻ جي ڪري شريعت کي منسوخ ٿا ڪريون؟ هرگز نہ. اسين تہ انهيءَ سان شريعت کي قائم ٿا ڪريون.


سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي بدن تان گناهہ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون،


سڀني کان آخري دشمن جيڪو ختم ڪيو ويندو سو آهي موت.


تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.


جيستائين اسين هن جھوپڙيءَ ۾ رهندي بار هيٺان دٻيل آهيون، تيستائين ڪنجھندا پيا رهون. انهيءَ جو اهو مطلب نہ آهي تہ اسين موجودہ جسم کي ڇڏڻ ٿا چاهيون، بلڪ اسين آسماني گھر کي ان مٿان پوشاڪ وانگر پهرڻ ٿا چاهيون، تہ جيئن هي فاني جسم حيات ۾ بدلجي وڃي.


اوهين جيڪي شريعت جي وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سي مسيح کان جدا ۽ خدا جي فضل کان محروم ٿي ويا آهيو.


آءٌ هيءَ بہ دعا گھرندو آهيان تہ اوهان جون دليون روشن ٿين، تہ جيئن اوهين سمجھي وٺو تہ خدا جنهن اميد لاءِ اوهان کي سڏيو آهي سا ڪيڏي نہ وڏي آهي، مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ سندس ميراث ڪيڏي نہ عظيم آهي


پنهنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاهر ڪيو، جيڪو هن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي پنهنجي خوشيءَ سان طئي ڪري ڇڏيو هو.


تنهن کان پوءِ اهو وڳوڙي ظاهر ٿيندو، جنهن کي خداوند عيسيٰ پنهنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو، بلڪ پنهنجي آمد جي تجلي سان ئي کيس چٽ ڪري ڇڏيندو.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان، تہ جيئن انهيءَ واعدي ڪيل زندگيءَ جو پيغام ٻڌايان جيڪا اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ حاصل ٿئي ٿي.


تنهنڪري اسان جي خداوند عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران خدا کان ملندڙ طاقت سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.


هاڻ آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا ۽ عيسيٰ مسيح، جيڪو وري اچي بادشاهہ جي حيثيت سان ظاهر ٿيندو ۽ جيئرن توڙي مئلن جي عدالت ڪندو، تن ٻنهي کي حاضر ناظر ڄاڻي


هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، خداوند عيسيٰ، جيڪو عادل جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.


اهڙي هلت چلت ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو اهو فضل جيڪو سڀني ماڻهن جي ڇوٽڪاري جو سبب آهي، سو ظاهر ٿي چڪو آهي.


ان سان گڏ اسين انهيءَ برڪت ڀري اميد، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو اسان جو عظيم خدا ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي، تنهن جي شان وَ شوڪت سان ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.


پر جڏهن اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي مهرباني ۽ انسان لاءِ سندس محبت ظاهر ٿي،


انهن اڳوڻن ڏينهن کي ياد ڪريو، جڏهن سچائيءَ جي روشني حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوهان ثابت قدميءَ سان سخت تڪليفن کي منهن ڏنو.


هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ رسول آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ٿيو آهي.


بلڪ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي دائمي بادشاهيءَ ۾ وڏي خوشيءَ سان داخل ڪيا ويندا.


خداوند عيسيٰ پنهنجي الاهي قدرت سان اهو سڀ اسان کي عطا ڪري ٿو، جيڪو دينداريءَ سان زندگي گذارڻ لاءِ ضروري آهي. اهو سڀ خدا کي ڄاڻڻ جي وسيلي اسان کي حاصل ٿئي ٿو، جنهن اسان کي پنهنجي ذاتي عظمت ۽ خوبين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


سو جيڪي ماڻهو اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح کي ڄاڻڻ جي ڪري دنيا جي بڇڙاين کان ڇڏائجي ويا آهن، سي جيڪڏهن وري انهن بڇڙاين جي غلبي ۾ اچي ڦاسي پون تہ انهن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي.


ان جي بدران اوهين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل جي وسيلي کيس ڄاڻڻ ۾ وڌندا رهو. شل انهيءَ جي عظمت جي واکاڻ هاڻي بہ ٿئي ۽ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


جيڪي پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آهن. انهن سان گڏ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ جو سچائيءَ جي واٽ تي هلڻ وارو اهو حڪم بہ ياد ٿو ڏياريان، جيڪو اوهان کي رسولن جي وسيلي ڏنو ويو هو.


هو جيڪو خود زندگي هو، سو ظاهر ٿيو ۽ اسان انهيءَ کي ڏٺو. اسين شاهدي ڏيئي انهيءَ دائمي زندگيءَ بابت اوهان کي ٻڌايون ٿا، جيڪا خدا پيءُ سان هئي ۽ اسان تي ظاهر ٿي.


هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ اسان ڏٺو آهي ۽ انهيءَ جي شاهدي بہ ڏيون ٿا تہ پيءُ پنهنجي فرزند کي دنيا جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ ڪري موڪليو آهي.


ان کان پوءِ مون هڪڙو ٻيو ملائڪ آسمان مان لهندي ڏٺو، جنهن کي وڏو اختيار مليل هو. هن جي جلوي جي ڪري ڌرتي روشن ٿي ويئي.


جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ زندگي ڏيندڙ انهيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو خدا جي باغ، يعني بهشت ۾ آهي.“


ان کان پوءِ موت ۽ مئلن جي دنيا کي ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو. اها باهہ جي ڍنڍ ٻيو موت آهي.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي پنهنجا جبا ڌوئي صاف ٿا ڪن. اهي دروازن مان شهر ۾ داخل ٿي زندگي ڏيندڙ وڻ جي ميوي کائڻ جا حقدار هوندا.


پاڪ روح ۽ گھيٽڙي جي ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ ”اي خداوند عيسيٰ! اچ.“ هر ٻڌڻ وارو بہ اهو ئي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آهي سو ڀلي اچي ۽ جنهن جي مرضي هجي سو آبِ‌حيات مفت پيئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan