2.ٿسلونيڪين 1:12 - Muslim Sindhi Bible12 اسين هيءَ دعا انهيءَ لاءِ گھرندا آهيون تہ جيئن اسان جي خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏنل فضل موجب، اسان جي خداوند عيسيٰ جو نالو اوهان ۾ عظيم ڄاتو وڃي ۽ اوهين هن ۾ عزت ماڻيو. Faic an caibideilSindhi Bible12 تہ اسان جي خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي فضل موجب، اسان جي خداوند يسوع جو نالو اوهان منجهہ جلال پائي، ۽ اوهين بہ منجهس جلال پايو. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible12 اسين هيءَ پرارٿنا انهيءَ لاءِ ڪندا آهيون تہ جيئن اسان جي ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڏنل ڪرپا موجب، اسان جي پرڀو يسوع جو نالو اوهان ۾ مهان ڄاتو وڃي ۽ اوهين هن ۾ مان ماڻيو. Faic an caibideilCommon Language New Testament12 اسين ھيءَ دعا انھيءَ لاءِ گھرندا آھيون تہ جيئن اسان جي خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل موجب، اسان جي خداوند عيسيٰ جو نالو اوھان جي وسيلي ۽ اوھين ھن جي وسيلي عزت پايو. Faic an caibideil |
جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.