Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 9:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن هن تعظيم ڏيئي چيس تہ ”اوهان جو ٻانهو ڪهڙي شيءِ آهي جو توهين مون جهڙي خسيس ماڻهوءَ تي مهر جي نظر ڪريو؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ هن تعظيم ڏئي چيو، تہ تنهنجو ٻانهو ڪير آهي جو تون مون جهڙي مئل ڪتي ڏانهن نهارين؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 9:8
7 Iomraidhean Croise  

تڏهن دائود بادشاهہ جي ڀيڻ ضروياہ جي پٽ ابي‌شيءَ بادشاهہ کي چيو تہ ”هي ڪتو منهنجي آقا بادشاهہ تي ڇو ٿو ڀونڪي؟ مهرباني ڪري مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ وڃي ڪري سندس سسي لاهيان.“


دائود جاد کي وراڻيو تہ ”آءٌ ڏاڍي مصيبت ۾ آهيان. هاڻي اسان جو خداوند جي هٿ ۾ هلي پوڻ ئي بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جون وڏيون رحمتون آهن. آءٌ ماڻهن جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو.“


ابنير اشبوست جي انهيءَ ڳالهہ تي ڏاڍو اچي ڪاوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”آءٌ ڪو يهوداہ جي بادشاهہ دائود جو وفادار ڪتو آهيان ڇا؟ اڄ تائين آءٌ تنهنجي پيءُ سائول جي گھراڻي، سندس مٽن مائٽن ۽ دوستن سان وفاداريءَ سان پيش ايندو رهيو آهيان. مون تو کي پڪڙي دائود جي حوالي ڪين ڪيو آهي، تنهن هوندي بہ اڄ تون مون تي هن عورت جي بنسبت بدڪاريءَ جو الزام ٿو لڳائين!


تڏهن حزائيل کيس چيو تہ ”آءٌ اوهان جو ٻانهو تہ خسيس ماڻهو آهيان، سو آءٌ ايڏو ڪم ڪيئن ڪري سگھندس؟“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”خداوند مون کي ڄاڻايو آهي تہ تون ارام جو بادشاهہ ٿيندين.“


سو هاڻي ائين نہ ٿئي تہ منهنجو رت خداوند جي حضور کان پري زمين تي وهايو وڃي. ڇو بني اسرائيل جو بادشاهہ مون جيتامڙي کي مارڻ لاءِ ائين نڪتو آهي، جيئن ڪو ماڻهو جبلن ۾ تترن جي شڪار لاءِ نڪرندو آهي؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan