Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 9:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جڏهن سائول جو پوٽو، يونتن جو پٽ مفيبوست دائود وٽ اچي پهتو، تڏهن ڪنڌ جھڪائي تعظيم ڪيائين. دائود چيس تہ ”اي مفيبوست!“ هن ورندي ڏنس تہ ”اِجھو، اوهان جو ٻانهو حاضر آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول، دائود وٽ آيو، ۽ منهن ڀر ڪري تعظيم ڪرڻ لڳو. ۽ دائود چيو تہ اي مفيبوست، هن ورندي ڏيئي چيو تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 9:6
12 Iomraidhean Croise  

اتي هن مٿي نهاري ڏٺو تہ ٽي ماڻهو بيٺل نظر آيس. انهن کي ڏسي اتان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو. پوءِ جھڪي کين سجدو ڪيائين


هو پاڻ انهن جي اڳيان ٿي هليو. جڏهن هو پنهنجي ڀاءُ جي اڳيان پهتو تہ ست ڀيرا جھڪي سلام ڪيائين.


جڏهن هن منهن ورائي نهاريو تہ مون کي ڏسي سڏ ڪيائين. مون ورندي ڏيئي چيومانس تہ ’اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.‘


تڏهن بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ ”مفيبوست جي جيڪا بہ شيءِ آهي سا سڀ هاڻي تنهنجي آهي.“ ضيبا وراڻي ڏيندي چيو تہ ”آءٌ تعظيم بجا ٿو آڻيان، اي منهنجا آقا بادشاهہ! شل آءٌ تنهنجي نظر ۾ مان لهان.“


دائود سائول جي پوٽي، يعني يونتن جي پٽ مفيبوست کي جيئدان ڏنو، ڇاڪاڻ تہ دائود بادشاهہ ۽ سائول جي پٽ يونتن جي وچ ۾ خداوند جو قسم کنيل هو.


سائول جي ٻئي پٽ يونتن کي هڪڙو منڊو پٽ هو، جنهن جو نالو مفيبوست هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي مرڻ جي خبر يزرعيل شهر ۾ پهتي هئي تہ ان وقت هو پنجن سالن جو هو. تڏهن سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي هئي ۽ جيئن ئي هوءَ تڪڙي ٿي ڊوڙي تيئن هو ڪري پيو ۽ ٻنهي ٽنگن کان منڊو ٿي پيو هو.


تڏهن دائود بادشاهہ ماڻهو موڪلي انهيءَ کي لودبار شهر مان عمي‌ايل جي پٽ مڪير جي گھران گھرائي ورتو.


يونتن کي مريبعل نالي پٽ ڄائو ۽ مريبعل کي ميڪاہ ڄائو.


يونتن کي مريبعل نالي پٽ هو ۽ مريبعل کي ميڪاہ ڄائو.


جڏهن ڇوڪر هليو ويو، تڏهن دائود پٿرن جي ڍير پٺيان نڪري آيو ۽ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر جھڪي يونتن کي سلام ڪيائين. پوءِ هنن ٻنهي روئندي هڪٻئي کي چميو ۽ دائود هن کان وڌيڪ رنو.


جڏهن ابيجيل دائود کي ڏٺو تڏهن جھٽ ڪري گڏهہ تان لهي اچي دائود جي اڳيان زمين تي منهن رکي کيس تعظيم ڏنائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan