Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 9:10 - Muslim Sindhi Bible

10 سو تون پنهنجي پٽن ۽ نوڪرن سميت هن جي لاءِ زمين آباد ڪري پيداوار کڻي اچي کيس ڏجانء، تہ جيئن تنهنجي آقا جي پوٽي جو گذران ٿئي. باقي تنهنجي آقا جو پوٽو مفيبوست پاڻ هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندو.“ ضيبا کي پندرهن پٽ ۽ ويهہ نوڪر هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ تون، ۽ تنهنجا پٽ، ۽ تنهنجا نوڪر، هن جي پاران زمين آباد ڪجو؛ ۽ تون پيدائش آڻجانءِ تہ تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ ماني کائي: پر مفيبوست، تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ هميشہ منهنجي دسترخاني تي ماني کائيندو. هاڻي ضيبا کي پندرهن پٽ ۽ ويهہ نوڪر هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 9:10
10 Iomraidhean Croise  

بادشاهہ کانئس پڇيو تہ ”تنهنجي آقا سائول جو پوٽو مفيبوست ڪٿي آهي؟“ ضيبا وراڻيو تہ ”هو يروشلم ۾ رهي ٿو، ڇاڪاڻ تہ کيس پڪ آهي تہ هاڻي بني اسرائيل وارا مون کي پنهنجي ڏاڏي جي بادشاهي موٽائي ڏيندا.“


تڏهن هو بادشاهہ جي گھراڻي کي پار ٽپائي آڻڻ لاءِ ۽ جيڪي هو چاهي سو ڪرڻ لاءِ پتڻ ٽپي درياءَ جي پار آيا. پوءِ جيئن ئي بادشاهہ اردن درياءُ ٽپڻ وارو هو، تيئن شمعي ولد جيرا سندس اڳيان منهن ڀر هيٺ ڪري کيس تعظيم ڏني


منهنجي پيءُ جو سڄو گھراڻو منهنجي آقا بادشاهہ جي اڳيان موت جي لائق هو. تنهن هوندي بہ اوهان پنهنجي ٻانهي کي انهن ماڻهن ۾ شامل ڪيو، جيڪي اوهان جي دسترخوان تي ماني ٿا کائين. تڏهن پوءِ مون کي ڪهڙو حق آهي جو آءٌ بادشاهہ وٽ دانهين ٿيان.“


دائود سائول جي پوٽي، يعني يونتن جي پٽ مفيبوست کي جيئدان ڏنو، ڇاڪاڻ تہ دائود بادشاهہ ۽ سائول جي پٽ يونتن جي وچ ۾ خداوند جو قسم کنيل هو.


تڏهن دائود چيس تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور تو تي مهرباني ڪندس ۽ تنهنجي ڏاڏي سائول جي سموري زمين تو کي موٽائي ڏيندس. تون هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندين.“


”پر جِلعاد واري برزليءَ جي پٽن سان مهربانيءَ سان پيش اچجانءِ. هو تنهنجي دسترخوان تي ماني کائڻ وارن مان ٿين، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ تنهنجي ڀاءُ ابي‌سلوم کان ڀڳو هئس تڏهن هنن منهنجو ساٿ ڏنو هو.


سو يهوياڪين قيدين وارا ڪپڙا بدلايا ۽ پنهنجي سڄي حياتي بابل جي بادشاهہ سان گڏ سندس دسترخوان تي کائيندو رهيو.


جيستائين يهوياڪين جيئرو هو، تيستائين کيس بابل جي بادشاهہ وٽان هميشہ روزمرہ جو مقرر خرچ پکو ملندو رهيو.


تڏهن مهمانن مان هڪڙي اهي ڳالهيون ٻڌي عيسيٰ کي چيو تہ ”سڀاڳو آهي اُهو، جيڪو خدا جي بادشاهيءَ ۾ کائيندو پيئندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan