Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 8:8 - Muslim Sindhi Bible

8 هددعزر جي شهرن بطاہ ۽ بيروتي مان دائود بادشاهہ تمام گھڻو پتل هٿ ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ هدد عزر جي شهرن بطاہ، ۽ بيروتي مان بادشاهہ دائود تمام گهڻو پتل هٿ ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 8:8
9 Iomraidhean Croise  

هددعزر جي فوجي عملدارن وٽ جيڪي سون جون ڍالون هيون، سي کانئن کسي دائود يروشلم ۾ آنديون.


خدا سليمان جي خلاف هڪڙو ٻيو دشمن کڙو ڪيو، جنهن جو نالو رزون ولد اليدع هو. هو پنهنجي مالڪ هدد عزر جيڪو ضوباہ ملڪ جو بادشاهہ هو تنهن کان ڀڄي نڪتو هو.


ڪجھہ وقت کان پوءِ دائود فلستين کي شڪست ڏيئي پنهنجي تابع ڪيو ۽ جات شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت فلستين کان ڇڏائي پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين.


هددعزر جي شهرن طبخت ۽ ڪُون مان دائود تمام گھڻو پتل هٿ ڪيو، جنهن مان بعد ۾ سليمان هيڪل لاءِ پلٽيل وڏو حوض، ٿنڀا ۽ ٿانوَ ٺهرايا.


ڏس، مون ڏاڍي ڪوشش سان خداوند جي گھر لاءِ ساڍا ٽي هزار ٽن سون ۽ چوٽيهہ هزار پنج سؤ ٽن چاندي گڏ ڪئي آهي. انهيءَ کان سواءِ بي‌انداز لوهہ ۽ پتل بہ گڏ ڪيو اٿم ۽ ڪاٺ ۽ پٿر بہ تيار ڪيو اٿم، مگر تون انهن کي اڃا بہ وڌاءِ.


يعني سون، چانديءَ، پتل ۽ لوهہ جي ڪم ۾. سو هاڻ ڪم شروع ڪر، خداوند شل هميشہ تو سان گڏ هجي!“


هنن هيڪل جي ڪم لاءِ هڪ لک ستر هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ سون، ٽي لک پنجيتاليهہ هزار ڪلوگرام چاندي، ڇهہ لک ڏهہ هزار ڪلوگرام پتل ۽ چوٽيهہ لک پنجاهہ هزار ڪلوگرام لوهہ ڏنو.


اتان بيروتي ۽ سبريم شهرن ڏانهن، جيڪي دمشق جي بادشاهت ۽ حمات جي بادشاهت جي علائقن جي وچ ۾ آهن، ويندي حصرهتيڪون تائين هوندي، جيڪو حوران علائقي جي سرحد تي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan