Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 8:3 - Muslim Sindhi Bible

3 دائود، ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر ولد رحوب کي بہ ان وقت شڪست ڏني، جڏهن هددعزر فرات نديءَ واري ملڪ کي موٽائي هٿ ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 دائود ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر، بن رحوب کي بہ شڪست ڏني، جڏهن هو فرات نديءَ واري ملڪ کي موٽائي هٿ ڪرڻ لاءِ پئي ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 8:3
15 Iomraidhean Croise  

انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،


جڏهن ارامين ڏٺو تہ هو بني اسرائيل جي هٿان شڪست کائي چڪا آهن، تڏهن هو سڀ وري گڏ ٿيا.


هددعزر بادشاهہ ماڻهو موڪلي انهن ارامي جنگي جوڌن کي گھرائي ورتو، جيڪي فرات نديءَ جي اوڀر طرف هئا. اهي حلام ۾ هددعزر جي فوج جو سپهہ‌سالار سوبڪ جي هٿ هيٺ اچي گڏ ٿيا.


جيڪي ٻيا بادشاهہ هددعزر جي هٿ هيٺ وڙهي رهيا هئا، تن جڏهن ڏٺو تہ هو بني اسرائيل جي اڳيان شڪست کائي چڪا آهن، تڏهن هنن صلح ڪيو ۽ تابعداري قبول ڪيائون. سو ارامي بني عمون کي وري مدد ڏيڻ کان ڊڄندا رهيا.


جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود سان سندن دشمني ٿي پيئي آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي بيت‌رحوب جي ارامين ۽ ضوباہ جي ارامين مان ويهہ هزار پيادن کي، معڪہ جي بادشاهہ کي هڪ هزار سپاهين سميت ۽ طوب جي ٻارهن هزار ماڻهن کي، ڪرائي تي گھرائي ورتو.


اجال ولد ناتن ضوباہ شهر وارو، باني جدي،


فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي ملڪ، ويندي مصر جي سرحد تائين جيڪي بہ بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪمراني ڪندو هو. هو سليمان کي ٽيڪس ڏيندا هئا ۽ انهيءَ جي سڄي حياتيءَ تائين سندس راڄ ٿي رهيا.


انهيءَ کان سواءِ دائود ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر تي حمات جي ويجھو حملو ڪيو، جيڪو فرات نديءَ پاسي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هو.


سليمان حمات ضوباہ نالي علائقي تي بہ حملو ڪري مٿس قبضو ڪيو.


اي خدا! تو اسان کي رد ڪيو آهي، ۽ تو ئي اسان کي هارائي ڇڏيو آهي. تون اسان سان ڪاوڙيو آهين، پر هاڻ اسان کي بحال ڪر.


اولهہ کان اوڀر تائين توڙي اتر کان ڏکڻ تائين، هن جي ئي حڪومت پيئي هلندي.


آءٌ ڳاڙهي سمنڊ کان وٺي فلستين جي سمنڊ تائين ۽ بيابان کان وٺي فرات نديءَ تائين اوهان جي حد مقرر ڪندس. هن ڪري جو آءٌ انهيءَ ملڪ جا رهاڪو اوهان جي حوالي ڪندس ۽ اوهين انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندا.


هر اها جاءِ جتي اوهان جي پيرن جي تري لڳندي، سا اوهان جي ٿيندي. اوهان جي سرحد ڏکڻ طرف بيابان کان وٺي اتر طرف لبنان جي جبلن تائين ۽ اوڀر ۾ وڏي ندي فرات کان وٺي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي.


جڏهن کان سائول بني اسرائيل مٿان پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي، تڏهن کان هو پنهنجي آس‌پاس وارن سڀني دشمنن يعني موآبين، عمونين، ادومين، ضوباہ جي بادشاهن ۽ فلستين سان جنگ ڪندو رهيو. هن جنهن پاسي منهن ٿي ڪيو، تنهن پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan