Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 8:16 - Muslim Sindhi Bible

16 يوآب جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو، سو فوج جو سپهہ‌سالار هو ۽ يهوسفط ولد اخيلود شاهي منتظم هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 ۽ يوآب بن ضروياہ لشڪر جو سردار هو؛ ۽ يهوسفط بن اخيلود دفتردار هو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 8:16
10 Iomraidhean Croise  

پوءِ دائود انهن کي ٽن ٽولن ۾ روانو ڪيو. هن هڪڙو ٽولو يوآب جي هٿ هيٺ، ٻيو ٽولو يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن جي هٿ هيٺ ۽ ٽيون ٽولو اِتي نالي هڪڙي جاتيءَ جي هٿ هيٺ روانو ڪري ڇڏيو. بادشاهہ جوانن کي چيو تہ ”آءٌ پاڻ بہ اوهان سان گڏ هلندس.“


دائود هنن جي هٿان عماسا کي بہ چوائي موڪليو تہ ”تون منهنجو هڏ رت ناهين ڇا؟ سو هاڻي کان آءٌ پنهنجي اڳيان تو کي يوآب جي بدران هميشہ جي لاءِ فوج جو سپهہ‌سالار بڻايان ٿو. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ شل خدا مون سان ائين ئي بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪري.“


هيڏانهن يوآب، جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو، سو دائود جي ٻين چونڊ ماڻهن سان گڏ نڪري آيو. اهي ٻئي ٽولا جِبعون واري پهاڙي کوهہ وٽ اچي مليا. پوءِ هڪڙو ٽولو کوهہ جي هڪڙي پاسي رهي پيو ۽ ٻيو ٽولو ٻئي پاسي.


دائود سڄي بني اسرائيل تي بادشاهي ڪئي. هو پنهنجي سڄي رعيت سان عدل ۽ انصاف ڪندو هو.


سيسہ جا پٽ اليحورف ۽ اخياہ جيڪي منشي هئا، اخيلود جو پٽ يهوسفط جيڪو شاهي منتظم هو،


اتان هنن بادشاهہ حزقياہ کي سڏ ڪيو ۽ الياقيم ولد خلقياہ، جيڪو محل جو انتظام سنڀاليندو هو، شبناہ جيڪو شاهي محرر هو ۽ يوآخ ولد آسف جيڪو شاهي منتظم هو، سي شهر کان ٻاهر نڪري آيا.


پوءِ الياقم، شبناہ ۽ يوآخ ڏک ۾ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ اچي بادشاهہ حزقياہ کي عملدار اعليٰ واريون ڳالهيون ٻڌايون.


دائود چيو هو تہ ”جنهن بہ سڀ کان پهريان يبوسين تي حملو ڪري کين ماري وڌو سو ئي لشڪر جو سپهہ سالار ٿيندو.“ تڏهن يوآب جيڪو دائود جي ڀيڻ ضروياہ جو پٽ هو، تنهن پهريائين ڪاهہ ڪئي هئي، تنهنڪري هو ئي لشڪر جو سپهہ سالار بڻايو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan