Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 8:11 - Muslim Sindhi Bible

11 دائود بادشاهہ اهي بہ انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا، جيڪي هن سڀني فتح ڪيل قومن مان هٿ ڪيا هئا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خدا لاءِ وقف ڪيا، جيئن هن سڀني فتح ڪيل قومن مان هٿ ڪري وقف ڪيا هئا:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 8:11
8 Iomraidhean Croise  

تڏهن توغيءَ پنهنجي پٽ يورام کي دائود بادشاهہ ڏانهن موڪليو تہ کيس وڃي سلام چوي ۽ هددعزر کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ جي کيس مبارڪ ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هددعزر توغيءَ سان وڙهندو رهندو هو. يورام پاڻ سان گڏ چانديءَ، سون ۽ پتل جا ٿانوَ آندا.


اهڙيءَ طرح خداوند جي هيڪل لاءِ جنهن ڪم جو سليمان بادشاهہ حڪم ڏنو هو سو پورو ٿيو. پوءِ سليمان اُهي شيون کڻائي آيو جيڪي سندس پيءُ دائود خداوند لاءِ مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، سون ۽ ٻيو سمورو سامان. اُهي هن خداوند جي هيڪل جي گدامن ۾ آڻي رکايا.


اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا، جيڪي هن سڀني قومن يعني ادومين، موآبين، بني عمون، فلستين ۽ عماليقين مان هٿ ڪيا هئا.


سو مون پنهنجي وس آهر پنهنجي خدا جي لاءِ سون جي شين واسطي سون، چانديءَ جي شين واسطي چاندي، پتل جي شين لاءِ پتل، لوهہ جي شين لاءِ لوهہ، ڪاٺ جي شين لاءِ ڪاٺ، سليماني پٿر، جڙاوت لاءِ قيمتي پٿر، شب‌چراغ، هيرا ۽ هر قسم جا رنگين پٿر ۽ گھڻي مقدار ۾ اڇو سنگ‌مرمر مهيا ڪري رکيو آهي.


جڏهن اهو سمورو ڪم پورو ٿيو جيڪو هيڪل لاءِ ڪرايو ويو هو، تڏهن سليمان بادشاهہ اهي سڀ شيون کڻائي اچي هيڪل اندر رکايون جيڪي سندس پيءُ دائود خداوند لاءِ مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، سون ۽ ٻيو سمورو سامان. هن اهي سڀ شيون هيڪل جي خزاني ۾ رکايون.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جا رهاڪؤ! اُٿو ۽ پنهنجي دشمنن کي لتاڙي ڇڏيو. آءٌ اوهان کي اهڙي ڏاند وانگر مضبوط بڻائيندس، جنهن کي لوهہ جا سڱ ۽ پتل جا کُر هجن. اوهين گھڻين ئي قومن کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا، ۽ انهن جو مالِ‌غنيمت مون خداوند لاءِ وقف ڪندا. هائو، اوهين انهن جي دولت مون رب‌العالمين جي حضور ۾ آڻي پيش ڪندا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan