Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 8:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن توغيءَ پنهنجي پٽ يورام کي دائود بادشاهہ ڏانهن موڪليو تہ کيس وڃي سلام چوي ۽ هددعزر کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ جي کيس مبارڪ ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هددعزر توغيءَ سان وڙهندو رهندو هو. يورام پاڻ سان گڏ چانديءَ، سون ۽ پتل جا ٿانوَ آندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 تڏهن توغي پنهنجي پٽ يورام کي بادشاهہ دائود ڏي موڪليو تہ کيس سلام دعا ڪري، ڇالاءِ جو هو هدد عزر سان وڙهيو هو، ۽ انهيءَ کي ماريو هئائين: ڇالاءِ جو هدد عزر توغيءَ سان جنگيون ڪيون هيون. ۽ يورام پاڻ سان چانديءَ جا باسڻ، ۽ سون جا باسڻ، ۽ پتل جا باسڻ آندا:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 8:10
9 Iomraidhean Croise  

يوسف کين کيڪار ڪئي ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اوهان جو پيرسن پيءُ ڪيئن آهي جنهن جو اوهان ذڪر ڪيو هو؟ ڇا هو اڃا جيئرو آهي؟“


دائود بادشاهہ اهي بہ انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا، جيڪي هن سڀني فتح ڪيل قومن مان هٿ ڪيا هئا،


جڏهن حمات جي بادشاهہ توغيءَ ٻڌو تہ دائود هددعزر جي سڄي فوج کي شڪست ڏيئي ڇڏي آهي،


تنهن کان سواءِ بادشاهہ جا عملدار اسان جي آقا بادشاهہ دائود کي مبارڪ باد ڏيئي چوڻ لڳا تہ ’شل اوهان جو خدا سليمان کي اوهان کان وڌيڪ نالي وارو ڪري ۽ هن جي بادشاهي اوهان جي بادشاهيءَ کان وڌيڪ وڌي ويجھي.‘ تڏهن بادشاهہ پنهنجي پلنگ تي سجدو ڪري


تڏهن توغيءَ پنهنجي پٽ يورام کي دائود بادشاهہ ڏانهن موڪليو تہ کيس وڃي سلام چوي ۽ هددعزر کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ جي کيس مبارڪ ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هددعزر توغيءَ سان وڙهندو رهندو هو. يورام پاڻ سان گڏ هر قسم جا سون، چانديءَ ۽ پتل جا ٿانوَ کڻي آيو.


تنهن بعد ڪيترن ئي ماڻهن يروشلم ۾ خداوند لاءِ نذرانا آندا ۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ لاءِ پڻ قيمتي تحفا آندائون. تڏهن کان وٺي هن جي هاڪ سڀني قومن ۾ پئجي ويئي.


سو ڪو واٽهڙو بہ انهيءَ لڻندڙ کي نہ چوندو تہ ”خداوند جي تو تي برڪت هجي،“ يا وري هيئن تہ ”آءٌ تو کي خداوند جي نالي سان دعا ڏيان ٿو.“


هيڏانهن جڏهن بابل جي بادشاهہ مرودڪ بلہ‌دان ولد بلہ‌دان ٻڌو تہ بادشاهہ حزقياہ بيماريءَ مان ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو آهي، تڏهن هن پنهنجي ايلچين هٿان ڏانهس خط ۽ سوکڙيون پاکڙيون موڪليون.


جيئن ئي هن ساڙڻ واري قرباني ڪري بس ڪئي تہ اوچتو سموئيل اچي پهتو. سائول سندس استقبال ڪرڻ ۽ ساڻس ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan