Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 8:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ڪجھہ عرصي کان پوءِ دائود فلستين کي شڪست ڏيئي پنهنجي تابع ڪيو ۽ گاديءَ واري شهر جي واڳ فلستين جي هٿن مان کسي ورتائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود فلستين کي شڪست ڏئي پنهنجي تابع ڪيو: ۽ دائود مکيہ شهر جي واڳ فلستين جي هٿن مان ڪڍي ورتي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 8:1
14 Iomraidhean Croise  

هاڻي بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي ماڻهن ۾ تڪرار شروع ٿي ويو. هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”دائود بادشاهہ اسان کي اسان جي دشمنن جي هٿان ڇڏايو ۽ اسان کي فلستين جي هٿن کان بچايو. پر هو ابي‌سلوم جي ڪري ملڪ مان ڀڄي ويل آهي.


پر يوآب ۽ ابي‌شي ابنير جي پٺيان پيا. هو سج لٿي اچي امہ جي ٽڪر وٽ پهتا، جيڪو جِبعون جي بيابان واري رستي تي جياح هنڌ جي اوڀر ۾ آهي.


اي خداوند! تو مون کي نہ رڳو منهنجي قوم جي جھيڙن کان بچايو آهي، بلڪ غير قومن جو بہ سردار بڻائي ڇڏيو اٿيئي. هائو، جن کي مون ڄاتو بہ نہ ٿي سي منهنجي تابع ٿيا آهن.


فلستين جڏهن ٻڌو تہ دائود کي مسح ڪري بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ بڻايو اٿن، تڏهن سڀ فلستي گڏجي دائود کي ڳولي پڪڙڻ لاءِ نڪتا. دائود کي جڏهن اها خبر پيئي تہ هو قدرتي طور ٺهيل هڪڙي قلعي ۾ لهي ويو.


سو دائود ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو. اهڙيءَ طرح هو جِبع کان وٺي جزر تائين فلستين کي ماريندو ويو.


جيڏانهن بہ تون ويندو هئين، اوڏانهن آءٌ تو سان گڏ پئي رهيو آهيان ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي تابع ڪيا اٿم. هاڻي آءٌ تو کي دنيا جي وڏن وڏن اڳواڻن جيان مشهور ڪندس.


اي خداوند! تو مون کي نہ رڳو منهنجي قوم جي جھيڙن کان بچايو آهي، بلڪ غير قومن جو بہ سردار بڻائي ڇڏيو اٿيئي. هائو، جن کي مون ڄاتو بہ نہ ٿي سي منهنجي تابع ٿيا آهن.


تو ڌرتيءَ کي لوڏي ڇڏيو آهي، ۽ تو ئي ان کي چيري ڇڏيو آهي. پر هاڻ تون انهيءَ جا چير بند ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها سخت لوڏي ۾ آهي.


موآب جو ملڪ منهنجي هٿن ڌوئڻ جو ٿانءُ آهي، ادوم ملڪ تي آءٌ پنهنجي جُتي رکندس، ۽ فلستين جي ملڪ تي آءٌ فتح جو نعرو هڻندس.“


ايمان جي ڪري ئي انهن مان ڪن بادشاهتون فتح ڪيون، ڪن انصاف سان نگهباني ڪئي، ڪن اهي برڪتون حاصل ڪيون جن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو ۽ ڪن شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا.


انهن مان ڪن ڀڙڪندڙ باهہ کي ٿڌو ڪيو ۽ ڪي تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. انهن مان ڪي ڪمزوريءَ مان زورآور ٿيا، ڪي جنگ ۾ طاقتور بڻيا، ڪن ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيو


اهڙيءَ طرح فلستي شڪست کائي ويا ۽ وري ڪڏهن بہ بني اسرائيل جي سرحد اندر نہ آيا. جيستائين سموئيل جيئرو هو تيستائين خداوند جو هٿ فلستين جي خلاف رهيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan