Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 7:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تنهنڪري اي ناتن! هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي مون قادرِمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون تو کي رڍن پٺيان هلندڙ ريڍار مان ڦيرائي پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم مقرر ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 7:8
17 Iomraidhean Croise  

تڏهن ناتن دائود کي چيو تہ ”اهو ماڻهو تون ئي آهين. خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون ئي تو کي مسح ڪري بني اسرائيل جو بادشاهہ بڻايو ۽ تو کي سائول جي هٿان پڻ ڇڏايم.


انهيءَ عورت کيس چيو تہ ”پوءِ توهان ڪهڙي سبب خدا جي قوم جي خلاف اهڙي ڳالهہ ڪئي آهي؟ جيئن تہ بادشاهہ پنهنجي پٽ کي شهر نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي ۽ کيس وري گھرائي بہ نہ ٿو وٺي ۽ انهيءَ ڳالهہ ڪرڻ ڪري بادشاهہ پاڻ کي ڏوهاري ٿو بڻائي.


يسيءَ جو پٽ دائود، جنهن تي بني اسرائيل جي قادر خدا مِهر ڪري کيس سربلند ڪيو آهي ۽ مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو اٿس، تنهن پنهنجيون آخري ڳالهيون ڪندي چيو تہ


ان دوران دائود جڏهن ماڻهن کي مارڻ واري ملائڪ کي ڏٺو، تڏهن خداوند کي چيائين تہ ”ڏس، مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ آءٌ ئي ڏنگي هلت هليو آهيان، پر هنن مسڪينن جو ڪهڙو قصور آهي؟ سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجو هٿ منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي جي ئي خلاف ٿئي.“


گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جو بادشاهہ هو، تڏهن بہ تون ئي جنگين ۾ بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندو هئين. تڏهن خداوند تو کي چيو تہ ’تون منهنجي قوم بني اسرائيل جي نگهباني ڪندين ۽ انهن جو بادشاهہ ٿيندين.‘“


دائود ميڪل کي وراڻيو تہ ”منهنجو اهو حال خداوند جي آڏو هو، جنهن تنهنجي پيءُ ۽ سندس سڄي گھراڻي جي مقابلي ۾ مون کي پسند ڪيو ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي مٿان مون کي بادشاهہ مقرر ڪيائين. تنهنڪري آءٌ خداوند جي آڏو ضرور نچندس ٽپندس.


سليمان جواب ڏنو تہ ”تون پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود تي هميشہ ڏاڍو مهربان رهيو آهين، ڇاڪاڻ تہ هو تو سان سچار، وفادار ۽ دل جو سچو هو. تو هن سان اها وڏي مهرباني قائم رکندي سندس تخت تي ويهڻ لاءِ کيس هڪڙو پٽ ڏنو، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


’جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، انهيءَ ڏينهن کان وٺي منهنجو اهڙو ڪوبہ ارادو ڪونہ هو تہ بني اسرائيل جي قبيلن جي ڪنهن شهر ۾ منهنجي نالي تي ڪو گھر جوڙيو وڃي. پر مون تہ رڳو تو دائود کي چونڊيو تہ تون منهنجي قوم بني اسرائيل تي راڄ ڪرين.‘“


سو اي ناتن! منهنجي ٻانهي دائود کي مون خداوند قادرِمطلق جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون تو کي رڍن پٺيان هلندڙ ريڍار مان ڦيرائي پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم مقرر ڪيو آهي.


دائود دعا گھري تہ ”اي خدا! جنگي جوانن کي شمار ڪرڻ جو مون ئي حڪم ڏنو هو. مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ غلطي ڪئي اٿم. هنن ويچارن ڪهڙو قصور ڪيو آهي؟ سو اي خداوند منهنجا خدا! مون کي ۽ منهنجي گھراڻي کي ڀلي سزا ڏي، پر هنن ماڻهن کي وبا سان نہ مار.“


پر خداوند مون کي ڌڻ چارڻ کان ڇڏائي فرمايو تہ ’اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم ۾ وڃي منهنجو پيغام ٻڌاءِ.‘


دائود خدا وٽ قبول پيو هو ۽ هن عرض ڪيو هئس تہ يعقوب جي خدا لاءِ کيس گھر اڏڻ جي اجازت ملي.


پوءِ سموئيل تيل جي دنگي کڻي سائول جي مٿي تي هاري ۽ کيس چمي ڏيئي چيائين تہ ”خداوند ئي تو کي تيل سان مسح ڪرائي مخصوص ڪيو آهي تہ جيئن تون سندس قوم بني اسرائيل جو حڪمران ٿئين. تون ئي خداوند جي قوم تي حڪمراني ڪندي کين آس‌پاس جي دشمنن کان بچائيندين. خداوند تو کي تيل سان مسح ڪرائي پنهنجي قوم جو حڪمران مقرر ڪيو آهي. تو لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي نشاني هيءَ آهي تہ


هو مسڪينن ۽ محتاجن کي ڪچري جي ڍير مان ڪڍي کين شان وَ شوڪت سان شهزادن سان گڏ تخت تي ويهاري ٿو. هو اهو ئي خداوند آهي جنهن ڌرتيءَ جا ٿنڀا کوڙيا آهن، جن جي مٿان هن هي جهان قائم ڪيو آهي.


”سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيامين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس. تون انهيءَ کي منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي مٿان اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪجانءِ. هو منهنجيءَ قوم کي فلستين جي هٿان ڇڏائيندو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجيءَ قوم تي آيل مصيبت ڏسندي سندن دانهن ٻڌي آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan