Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 7:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جنهن ڏينهن مون بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ ڪنهن گھر ۾ ڪين رهيو آهيان، بلڪ مختلف هنڌن تي خيمي واري مقدس جاءِ ۾ رهيو آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ ڪنهن گهر ۾ نہ پئي رهيو آهيان، پر هڪڙي تنبوءَ ۽ خيمي ۾ گذر پئي ڪيو اٿم.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 7:6
15 Iomraidhean Croise  

تڏهن اورياہ دائود کي وراڻيو تہ ”يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل جا ماڻهو ۽ عهد واري صندوق جنگ جي ميدان ۾ هجي، منهنجو سپهہ‌سالار يوآب ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جا سالار کُليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا هجن ۽ آءٌ پنهنجي گھر وڃي کاوان، پيئان ۽ پنهنجيءَ زال سان وڃي سمهان؟ هرگز نہ، اوهان جي سر جو ۽ اوهان جي جان جو قسم آهي تہ مون کان اهو ڪم ڪين ٿيندو.“


’جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، انهيءَ ڏينهن کان وٺي منهنجو اهڙو ڪوبہ ارادو ڪونہ هو تہ بني اسرائيل جي قبيلن جي ڪنهن شهر ۾ منهنجي نالي تي ڪو گھر جوڙيو وڃي. پر مون تہ رڳو تو دائود کي چونڊيو تہ تون منهنجي قوم بني اسرائيل تي راڄ ڪرين.‘“


اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ خدا سان ملاقات وارو خيمو هو. اهو ائين ئي ٺاهيو ويو هو جيئن خدا موسيٰ کي ٻڌايو هو، يعني اهڙي نموني جو جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو هو.


خدا جو گھر ۽ بت پاڻ ۾ ڪيئن ٿا راضي رهي سگھن، جڏهن تہ خدا جيڪو جيئرو آهي، تنهن جو گھر تہ اسين آهيون؟ پاڪ ڪلام ۾ خدا پنهنجي قوم بابت جيڪي فرمايو آهي، سو اسان لاءِ بہ آهي تہ ”آءٌ انهن ۾ رهندس ۽ انهن ۾ گھمندس ڦرندس، آءٌ انهن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجا ماڻهو ٿيندا.“


جيئن تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي بچائڻ ۽ اوهان جي دشمنن کي اوهان جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ اوهان جي خيمي‌گاهہ ۾ پيو گھمي ٿو، تنهنڪري اوهين پنهنجي خيمي‌گاهہ کي پاڪ رکجو، متان هو اوهان ۾ گندگي ڏسي اوهان کان منهن ڦيرائي هليو وڃي.“


بني اسرائيل جي سڄي قوم سيلا شهر ۾ اچي گڏ ٿي ۽ اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو کوڙيائون. انهيءَ ملڪ تي تہ بني اسرائيل قبضي ڪري چڪا هئا،


هن مون کي اِفسس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ست تارا آهن ۽ جيڪو ستن سونن شمعدانن جي وچ ۾ هلي ٿو، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ


جيئن تہ خدا جي عهد واري صندوق انهن ڏينهن ۾ اُتي ئي هئي ۽ فينحاس جيڪو هارون جو پوٽو ۽ اليعزر جو پٽ هو سو انهيءَ جي سنڀال ڪندو هو، تنهنڪري بني اسرائيل اتي وڃي خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا اسين پنهنجي هم‌قوم بني بنيامين سان هڪ دفعو وري جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃون يا نہ؟“ تڏهن خداوند کين ورندي ڏني تہ ”وڃو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي آءٌ اوهان کي هنن تي فتح ڏيندس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan