Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 7:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ”وڃ، منهنجي ٻانهي دائود کي مون خداوند جو هي فرمان وڃي ٻڌاءِ تہ ’منهنجي رهڻ لاءِ گھر بڻائڻ وارو تون ئي آهين ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 تہ وڃي منهنجي ٻانهي دائود کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي رهڻ لاءِ هڪڙو گهر ٺاهيندين ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 7:5
11 Iomraidhean Croise  

پر انهيءَ ئي رات خداوند ناتن سان ڳالهائيندي کيس فرمايو تہ


بادشاهہ سليمان جي حڪم تي هنن وڏا وڏا ۽ سٺا پٿر هيڪل جو بنياد وجھڻ لاءِ ٽُڪي ڪڍيا.


”تون جيڪو هي هيڪل جوڙي رهيو آهين، سو جيڪڏهن تون منهنجي قاعدن قانونن تي هلندين ۽ منهنجا سڀ حڪم مڃي انهن تي عمل ڪندين تہ پوءِ جيڪو واعدو تنهنجي پيءُ دائود سان مون ڪيو هو سو آءٌ تو سان پورو ڪندس.


”وڃ، منهنجي ٻانهي دائود کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’اهو تون نہ آهين، جيڪو منهنجي رهڻ لاءِ گھر تعمير ڪندو.


پر خداوند مون کي چيو تہ ’تون منهنجي نالي لاءِ گھر تعمير نہ ڪر، ڇو تہ تون جنگي جوڌو آهين ۽ رت وهايو اٿيئي.‘


انسان پنهنجيءَ دل ۾ ڪهڙا بہ منصوبا جوڙي ٿو، مگر سندس زبان مان اهو ئي ٿو نڪري، جيڪو خداوند چاهي ٿو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آسمان منهنجو تخت ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي. پوءِ اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر جوڙيندا؟ هائو، منهنجي رهڻ لاءِ اوهين ڪهڙي قسم جي جاءِ اڏيندا؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan